| لاڙڪاڻي ۾ برساتي پاڻي بيٺل، رهواسين کي اچ وڃ ۾ ڏکيائيون |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ گذريل رات پيل تيز برسات کان پوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو، تيز برسات دوران سيپڪو طرفان شهر جي اڪثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ڪئي وئي، برسات سبب شهر جي سول اسپتال، اسٽيشن روڊ، رائل روڊ، سرڪٽ هائوس روڊ، اي ايس پي آفيس روڊ، ريشم گلي، پير سرڪٽيو روڊ، ايمپائر روڊ، وڏي مڇي مارڪيٽ، پراڻو بس اسٽينڊ روڊ، مراد واهڻ روڊ، نشتر روڊ، ميروخان چوڪ، ڀينس ڪالوني، نظر محلا سميت شهر جي ڳتيل ۽ هيٺيائين وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو، جنهن ڪري شهرين کي سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي برساتي پاڻي بيهڻ جون تصويرون ۽ ويڊيوز شيئر ٿيڻ کان پوءِ ميئر لاڙڪاڻو ايڊوڪيٽ انور علي لُهر جي هدايتن تي ميونسپل ڪارپوريشن طرفان ڊسپوزل مشينن توڙي صفائي واري عملي جي ذريعي شهر جي اڪثر علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي ورتو. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪيترن ئي علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو جنهن ڪري شهرين انتظاميه کان گهر ڪئي آهي ته جلد کان جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي رليف فراهم ڪيو وڃي.