لاڙڪاڻي ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، پاڻي بيهجي ويو، اسپتالون، ٿاڻا ۽ اسڪول ٻڏي ويا، بجلي بند

آگسٽ 19, 2024

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل ڇنڇر ۽ آچر جي رات دير سان اٽڪل 10 وڳي شروع ٿيل برسات مسلسل 9 ڪلاڪ جاري رهڻ بعد شهر جا مُک چوڪ ۽ روڊ رستا جناح باغ چوڪ، رائل چوڪ، پاڪستاني چوڪ، ايس ايس پي چوڪ، سبحان الله چوڪ، بئنڪ اسڪوائر چوڪ، ميروخان چوڪ، ميونسپل روڊ، وي آءِ پي روڊ، لاهوري محلا روڊ، ايمپائر روڊ، سرڪٽ هائوس روڊ، جيلس بازار، پراڻي اناج منڊي روڊ، سبزي منڊي روڊ، باقراڻي روڊ، نشتر روڊ، مراد واهڻ روڊ، ڦل روڊ، علي گوهر آباد روڊ، ريلوي ڪالوني، وڏي مڇي مارڪيٽ، ڪينيڊي مارڪيٽ، سُڪ پل، پير سرڪٽيو روڊ، يار محمد ڪالوني، رند ڪالوني، ايئرپورٽ روڊ، الهه آباد روڊ، معظم ڪالوني، فيصل ڪالوني، ڀينس ڪالوني، ممتاز ڪالوني، نظر محلا، شهر جي ڳتيل آبادي وارا علائقا، اي ايس پي سٽي آفيس، سول لائين ٿاڻو، وومين ٿاڻو، رحمت پور ٿاڻو، شهر جي مختلف علائقن ۾ قائم پرائمري، مڊل توڙي هاءِ اسڪول، گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، گورنمينٽ بيگم نصرت ڀٽو ڪاليج، گورنمينٽ ميل ايليمينٽري ڪاليج توڙي سرڪاري ۽ خانگي آفيسون، ڪاروباري مرڪزن ۾ ريشم گلي، شاهي بازار برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، تيز برسات سبب شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ گهرن جا چاپڙ، ڇتيون، ڀتيون، ڇاپرا، وڏا وڻ ۽ سائن بورڊ ڪري پيا جڏهن ته ڪکاوان گهر ۽ ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، بجلي جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب شهر توڙي ٻهراڙي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي طوفاني برساتن بابت الرٽ جاري ٿيڻ باوجود ميونسپل ڪارپوريشن توڙي ضلعي انتظاميه طرفان اڳواٽ جوڳا انتظام نه ڪرڻ شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ان حوالي سان شهرين جو چوڻ هو ته موسميات کاتي توڙي سنڌ حڪومت طرفان لاڙڪاڻي ضلعي سميت سنڌ جي ٻِين شهرن ۾ موسميات کاتي طرفان طوفاني برساتن بابت الرٽ جاري ڪيو ويو هو پر ان جي باوجود ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ضلعي انتظاميه سميت لاڳاپيل اختيارين طرفان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا جنهن ڪري اسان جي گهرن جون ڇتيون، چاپڙ، ڀتيون، ڇاپرا ڪِري پيا آهن پر انتظاميه هن وقت تائين اسان جي سار نه لڌي آهي جنهن ڪري اسان کي مستقبل ۾ جاني توڙي مالي نقصان جو خدشو آهي پر برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ بجاءِ غائب آهي جنهن ڪري اسين سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سميت مڪاني ادارن واري کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته جلد کان جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي بجلي جي فراهمي بحال ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Leave A Comment