لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪتن جو آزار، هڪ ئي ڏينهن 11 شهرين کي ڏاڙهي وڌو

آگسٽ 22, 2023

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گھٽجي نه سگهيو، رولو ڪتن هڪ ئي ڏينهن 11 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

زخمين ۾ 16 ورهين جو نويد، 10 ورھين جو عزادار حسين، 60 ورهين جو عبدالرشيد، 20 ورهين جو اياز، 15 ورهين جي شازيه ۽ ٻيا شامل آهن

سمورن زخمين کي وارث ڌار ڌار کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ قائم اينٽي ريبيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو

ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ڪتي ڏاڙهيل زخمين جو تعلق شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن سان آهي جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن، ڪتي جي ڏاڙهيل سمورن زخمين کي بروقت ويڪسين ۽ علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي

ٻئي پاسي ڪتي جي ڏاڙهيل زخمين جي وارثن ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي ڪتا مار مهم هلائي ڪتن جي آزار کان بچايو وڃي

Leave A Comment