لاڙڪاڻي ۾ زمين تڪرار تان ماءُ سامهون نينگر ڊوڙائي ڊوڙائي قتل، جوابدار فرار

ڊسمبر 17, 2024

لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي سول لائين ٿاڻي جي حد ليڊيز جيل روڊ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پلاند ۾ علاج لاءِ آيل ڳوٺ ٻيلو مغيري واسي 14 ورهين جي نينگر اسدالله پٽ نياز حسين مغيري کي رڪشي مان لاهي ڊوڙائي ڊوڙائي سندس امڙ جي سامهون ليڊيز جيل روڊ تي قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر ٻاهران گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، جتي مقتول نينگر جي امڙ پنهنجي وارث عورتن سان گڏجي پٽ جي لاش مٿان ماتم ڪندي روئيندي قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندي رهي، اهڙي اطلاع تي حد  جي پوليس پهچي وارث عورتن کان واقعي جا تفصيل وٺي مقتول نينگر جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مقتول نينگر جي امڙ لال خاتون مغيري دانهيندي ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي ئي ذات سان واسطو رکندڙ علي بخش ۽ سڪندر مغيري جي ڌر سان پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي، هن ٻڌايو ته اڄ اسان لاڙڪاڻي شهر جي ليڊيز جيل روڊ تي قائم خانگي ميڊيڪل سينٽر تي علاج لاءِ آيل هئاسين جتي علي بخش مغيري ۽ سڪندر مغيري پنهنجي هٿياربند ماڻهن سان گڏجي منهنجي اڪيلي پٽ اسدالله مغيري کي رڪشي مان لاهي ڊوڙائي اسان جي سامهون گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن  هن وڌيڪ چيو ته جوابدار ڌر طرفان ورهين کان اسان سان ناجائزيون ڪيون پيون وڃن جن بيگناهه منهنجي مڙس نياز مٿان قتل جو ڪوڙو الزام لڳائي کيس جيل موڪلي ڇڏيو جنهن کان پوءِ اڄ منهنجي معصوم پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته بيگناهه قتل ٿي ويل پٽ جي قتل جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي. ان حوالي سان سول لائين ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته قمبر تعلقي جي ڳوٺ ٻيلو  مغيري واسي علي بخش ۽ سڪندر مغيري جي ڌر وارن جو مقتول نينگر اسد مغيري جي وارثن سان 150 جريب زرعي زمين تان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن معاملي تان ڌرين جا 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، اڄ جوابدار ڌر پلاند ۾ فائرنگ ڪري نينگر اسدالله مغيري کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد مقتول نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

Leave A Comment