لاڙڪاڻي ۾ سال کان ٽرين سروس بند، اسٽيشن ويران، چور لوهه به پٽي کڻي ويا

جُولاءِ 2, 2023

لاڙڪاڻو(رپورٽ: شاهه محمد لاشاري ) لاڙڪاڻي ۾ ٽرينن جي اچ وڃ بند، ريلوي اسٽيشن ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي، پوليس ۽ ريلوي ملازمن جي موجودگي باوجود لوهه چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي تقريبن هڪ سال کان ٽرينن جي اچ وڃ بند آهي جنهن ڪري علائقي واسي سستي سفر جي سهولت کان محروم بڻيل آهي، ريل گاڏيون نه اچڻ ڪري اسٽيشن تي ويران ڇانيل آهي اهڙي صورتحال ۾ ريلوي جي ملڪيت چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

 ٻڌايو پيو وڃي ته لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي هڪ پليٽ فارم کان ٻئي پليٽ فارم تي وڃڻ لاءِ  مسافرن لاءِ ٺهيل برج جون لوهي پٽيون چوري ٿيڻ معمول بڻيل آهي

ان حوالي سان شهرين حافظ بشير احمد شيخ، نصرت،  ولايت علي، توصيف احمد، خليل احمد ۽ ٻين ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته تقريبن ڏيڍ سال کان ٽرينون بند آهن، جنهن ڪري شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي جي اسٽيشن ويراني جو ڏيک ڏئي رهي آهي

شهرين چيو ته وفاقي حڪومت نوٽيس وٺي ٽرين سروس بحالي لاءِ ڪي جوڳا قدم ناهن کنيا، ويتر چور رات جي اونداهي جو فائدو وٺي ملازمن ۽ ريلوي پوليس مقرر هوندي اسٽيشن تي اڏيل لوهي برج ۽ ڏاڪڻ جون لوهيون پٽيون چوري ڪري برج جي خوبصورتي وڃائي رهيا آهن

هنن وفاقي حڪومت ۽ ڊي ايس ريلوي کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي ريلوي پوليس کان پڇاڻو ڪيو وڃي، لوهه چوري ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٽرين سروس بحال ڪئي وڃي

Leave A Comment