لاڙڪاڻي ۾ سرِ عام نوجوان ماريندڙ اهلڪار تي ڪيس داخل نه ٿيو، شهرين جا بيان قلمبند

لاڙڪاڻو/قمبر (رپورٽ: نادر ابڙو+ رحيم منگي) لاڙڪاڻي ۾ پوليس اهلڪار پاران سرعام نوجوان کي مارڻ واري واقعي جي جاچ، بيان قلمبند، زخمي ٿيل پوليس اهلڪار جو به ڏوهاري رڪارڊ سامهون اچي ويو، مارجي ويل نوجوان جي وارثن جو احتجاج، عدالتي جاچ جو مطالبو، ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ۾ پوليس اهلڪار پاران سرعام روڊ تي منهن ۾ گوليون هڻي مبينا جوابدار علي گل ڪلهوڙو کي قتل ڪيو هو، جنهن جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي، ڊي آءِ جي نوٽيس بعد ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل جاچ ڪاميٽي پاران حيدري ٿاڻي جي پوليس اهلڪار سميت واقعي واري هنڌ موجود عام ماڻهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته نوجوان کي سرعام گوليون هڻي ماريندڙ پوليس اهلڪار عرض محمد جتوئي خلاف ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد اهلڪار عرض محمد جتوئي کي گرفتار ڪيو ويو هو، ٻي طرف لاڙڪاڻي جي  حيدري ٿاڻي جي پوليس هٿان 27 ڊسمبر تي مبينا جوابدار ڄاڻائي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيل قمبر جي ڳوٺ ماهي مڪول جي رهواسي علي گل ڪلهوڙو جي گهر واري، پٽ ۽ ڌيئرن سميت وارثن پاڪ ڪتاب کڻي انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو،   مقتول جي گهر واري فضا خاتون، پٽ زبير ڪلهوڙو،ڌيءُ ليلا سميت وارثن جو چوڻ هيو ته علي گل بينظير جي ورسي تي ويو هيو، هن سارين جي ٻار کنئي هئي، کيس ڏيڍ لک رپيا به ساڻ هيا، هو ڏوهاري نه پورهيت هيو ،2 سال سعودي عرب ۽ 3 سال دبئي ۾ مزدوري ڪئي، اسان کي چئي ويو ته ورسي تان واپسي تي توهان لاءِ لاڙڪاڻي مان گرم ڪپڙا سوئيٽر،بوٽ ۽ ٻارڙن لاء بوٽ، ڪيلا وٺي ايندس اسان انتظار پئي ڪيو ته کيس مارجڻ جي خبر پئي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، هو پوليس اهلڪار کي منٿون ڪندو رهيو کيس منهن ۾ گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جيڪڏهن هن کي زخمي ڪيو ويو هيو ته کيس علاج لاءِ اسپتال داخل ڪرايو وڃي ها، منٿون ڪرڻ باوجود ماڻهن جي هجوم ۾ گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، کيس 3 پٽ ۽ 5 ڌيئرن سميت 8 ٻارن جو اولاد هيو،ڪنهن سان به دشمني نه آهي، پوليس کيس پئسن جي لالچ ۾ قتل ڪيو، سندس مٿان برادري جي جهيڙن جا پراڻا ڪيس هئا، جيڪي به ختم ٿي ويا هئا، هو پ پ جو ورڪر هيو، هنن پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي ملوث پوليس اهلڪارن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪري قانون جي گرفت ۾ آڻي انصاف ڪيو وڃي.