لاڙڪاڻي ۾ سليندڙ ڌماڪي جي جاچ جاري: زخمي ٿيل وڌيڪ عورت ڪراچي ۾ فوت: انگ وڌي 5 ٿي ويو

لاڙڪاڻي ۾ سليندڙ ڌماڪي جي جاچ جاري: زخمي ٿيل وڌيڪ عورت ڪراچي ۾ فوت: انگ وڌي 5 ٿي ويو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ۾ هفتو اڳ مبينا گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل عورت 35 ورهين جي ڪومل زال ڪاشف پٺاڻ ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي. ٻئي طرف فوتي عورت جو لاش ڪراچي کان ايمبولينس ذريعي لاڙڪاڻي آندو ويو جنهن جو لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو آهي. واضح رهي ته هفتو اڳ اهڙي واقعي ۾ 3 گهر مڪمل طور تي ڊهي پٽ ٿي ويا جڏهن ته ٻن گهرن کي جزوي نقصان پهتو، جنهن واقعي ۾ مبلي هيٺيان دٻجي ۽ سڙڻ جي ڪري 19 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جن مان ٽن عورتن سميت 2 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 14 زخمين جو علاج هلندڙ آهي ٻئي طرف هفتو گذرڻ باوجود ضلعي انتظاميه ڌماڪي سان عمارتن جو ڪريل ملبو نه هٽائي سگهي آهي جنھن سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي متاثرن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي عمارتن جو ڪريل ملبو هٽائي ڌماڪي جا ڪارڻ معلوم ڪري ٻين زخمين کي بهتر علاج فراهم ڪري ٻين زندگيون بچايون وڃن.