| لاڙڪاڻي ۾ سڱ کان انڪار تي نوجوان قتل جو انڪشاف: ڪيس داخل |
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڳوٺ آگاڻي ويجھو دادو ڪئنال مان هفتو اڳ شڪارپور ضلعي جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ دودو ڏيٿو جي رهواسي ڪراچي ۾ پورهيو ڪندڙ 18 ورهين جي نوجوان فراز پٽ سراج ڏيٿو جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو هو جنهن واقعي جي ايف آءِ آر مقتول نوجوان جي والد سراج ڏيٿو جي فرياد تي حد جي ماهوٽا ٿاڻي تي ٽن سڃاتل جوابدارن نادر ڏيٿو، شيراز ڏيٿو، اياز ڏيٿو ۽ هڪ اڻسڃاتل سميت 4 جوابدارن مٿان داخل ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته نادر ڏيٿو ڌيءَ جو سڱ پنهنجي ڀاءُ لاءِ گهريو هو جنهن تي منهنجي نوجوان پٽ فراز سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، اهڙي معاملي تان ڄاڻايل جوابدارن پٽ کي گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري سندس لاش دادو ڪئنال ۾ لوڙهي ڇڏيو. هن چيو ته جوابدار ڌر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڏئي رهيا آهن، ماهوٽا ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته مقتول نوجوان جي قتل جي ايف آءِ آر سندس والد جي فرياد تي 4 جوابدارن مٿان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.