لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ اٺين درجي جي شاگرد کي اغوا ڪري اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻائي ويڊيو ڀرڻ جو انڪشاف، پوليس نينگر کي بازياب ڪرائي ورتو
خبر موجب شهر جي ڪرمان باغ واسي 14 ورهين جي اٺين درجي جي شاگرد عبدالصمد شيخ کي جوابدارن اغوا ڪرڻ بعد اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻائي وڊيو رڪارڊ ڪئي، اطلاع تي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪري اجتماعي بدفعلي ۾ ملوث شهر جي اناج منڊي چوڪ واري علائقي واسي جوابدار علي رضا مڱريو کي گرفتار ڪري ورتو
پوليس واقعي جو ڪيس نينگر عبدالصمد شيخ جي ڀاءُ عبدالرحمان شيخ جي فرياد تي علي رضا مڱريو ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار مٿان داخل ڪري ڇڏيو آهي
فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته 20 آگسٽ تي سندس ڀاءُ عبدالصمد شيخ ريشم گلي مکڻ واري گهٽي جي ڪپڙي جي دوڪان مان لهي ماني کائڻ لاءِ گهر ويو ته دوڪان تي واپس نه آيو، جنهن جي مختلف هنڌن تي ڳولا ڪري پمفليٽ ڇپرايا
هن چيو ته 21 آگسٽ تي رات ڏهين وڳي رات جو هڪ موٽرسائيڪل آئي جنهن جي وچ ۾ منهنجو ڀاءُ عبدالصمد ويٺو هو، موٽرسائيڪل هلائيندڙ کي اسان سڃاتو جيڪو علي رضا ولد محمد جڙيل مڱريو هو ۽ پويان ويٺل هڪ ڄڻي کي مان ۽ منهنجي شاهدن چڱي طرح سڃاتو جنهن بعد موٽرسائيڪل تي هليا ويا
فريادي موجب ڀاءُ عبدالصمد ڪافي مايوس ۽ پريشان هو، جنهن کان پڇا ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته جوابدارن کيس ديني مدرسي اسڪول ڀرسان زبردستي موٽرسائيڪل تي ويهاري اوٺا چوڪ طرف اغوا ڪري زرعي زمين ۾ ٻنهي جوابدارن بدفعلي جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته اها ڳالهه ڪنهن سان ڪجاءِ نه ته ٻي صورت ۾ تنهنجي اسان موبائيل ۾ رڪارڊنگ ڪئي آهي، اها نيٽ تي هلائينداسين، جنهن خوف جي ڪري مان چپ رهيس
پوليس ٻڌايو ته جاچ ۾ اِهو به معلوم ٿيو آهي ته جوابدار علي رضا پاران عبدالصمد شيخ کي موبائيل فون تي ميسيج ڪري نينگر سان شادي ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني، اهڙي واقعي ۾ رهيا