لاڙڪاڻي ۾ شديد گرمي:شاگرد پريشان، احتجاج

مَي 13, 2023

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي جي سخت گرمي جي لهر ڇائجي وئي. امتحان ڏيندڙ شاگردن سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا، بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب شاگردن احتجاج ڪيو، خبر موجب لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسڪول ۾ سالياني پيپرن دوارن بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شاگرد سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شاگرد امتياز علي، احمد خان ڪلهوڙو، قائم الدين سوھو ،مزمل کهڙو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ سالياني امتحانن دوران سيپڪو انتظاميه پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري پيپر دوران صبح جو 10 وڳي بجلي بند ڪري ڇڏين ٿا جنهن ڪري پيپر دوران سخت گرمي سبب پيپر ڏيڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهيون  اڄ سخت گرمي سبب بجلي بند هجڻ ڪري ٻن شاگردن جي طبيعت خراب ٿي وئي جن کي گيسٽرو ٿيڻ ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.هنن ضلعي انتظاميه کان گهر ڪئي فوري نوٽيس وٺي سيپڪو وابڊا کان پڇاڻو ڪري پيپرن دوارن بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.

Leave A Comment