| لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو “ سنڌ جو وجود-وسيلا بچايو” مارچ: ڌرڻو |
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان 27 آئيني ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن ۽ ڊيمن، سنڌ جي معدني وسيلن تي ڌاڙن، ڌاڙيل راڄ، قبيلائي دهشتگردي، ڪاروڪاري ۽ عورتن تي ظلم خلاف عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون،پرھ سومرو عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جي اتاترڪ ٽاور کان سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو جي عنوان هيٺ پيادل مارچ ڪيو ويو جيڪو شھر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جاڙل شاھ روڊ تي جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو، ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري خطاب ڪندي چيو ته پارليامينٽ کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي. ملڪ هلائڻ جا فيصلا واشنگٽن مان ٿي رهيا آهن. آمريڪا سان ڳجهي ڊيل ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جا وسيلا آمريڪا حوالي ڪيا ويا آهن. پارليامينٽ بدران ايس آءِ ايف سي وسيلي ملڪ هلايو پيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن وسيلي مظلوم قومن کي پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي ڪرسي خاطر سنڌ جو انچ انچ وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ سرڪاري سردارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته سنڌياڻين سدائين آمريتن کي للڪاريو آهي، هن آئيني آمريت خلاف به ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ نون صوبن جو راڳ ڳائيندڙن جي ڀرپور نموني رستا روڪ ڪري جدوجهد کي سگهارو ڪيو ويندو.