لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي قتل، هراسمينٽ ۽ جرڳائي نظام خلاف سول سوسائٽي جي ريلي

لاڙڪاڻي ۾ عورتن جي قتل، هراسمينٽ ۽ جرڳائي نظام خلاف سول سوسائٽي جي ريلي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ عورتن ۽ سول سوسائٽي طرفان سنڌ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورتن جي قتل عام، عورتن کي هراسان ڪرڻ وارن واقعن ۽ جرڳائي نظام خلاف شهر جي بيگم نصرت ڀٽو گورنمينٽ گرلس ڪاليج کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي،وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ پروفيسر ثمينه ابڙو، شهري اتحاد جي صدر نياز ابڙو، جنرل سيڪريٽري نثار مغيري، عورت سماج سڌارڪ بينظير جتوئي، ريشمان ڏاهري، ليکڪه ناياب سرڪش سنڌي، ڊاڪٽر پرهه سڪينه گاد، شمس النساءَ سولنگي، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي خزانچي ايڊووڪيٽ ستار هليو، مشتاق تونيو، قدير ڊومڪي، علي محمد ابڙو، ذوالفقار علي ڀٽو رابطه ڪميٽي جي شهباز ڀٽو، لالو سرهيو، عاقب ڪاٺيو، صدام جيسر، نثار چانڊيو، احمد ڪاٺيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ڌرتي هميشه امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي جتي ڪاروڪاري سميت ٻين ڪڌي رسمن جي جاءِ ناهي پر ان جي باوجود سنڌ ۾ غيرت جي نالي تي هڪ نئون رواج وڌي عورتن ۽ ننڍي عمر جي نياڻين کي سرعام هجوم جي سامهون گولين جو کاڄ بڻائي قتل ڪري سندن جي لاشن جي تذليل ڪري لاش سنڌو درياهه ۾ لوڙهي بغير غسل ۽ ڪفن جي دفنايو ويندو آهي جنهن ڪري اڄ جو عورت هن سماج ۾ عدم تحفظ جو شڪار آهي. هنن چيو ته غيرت جو نالو اِهو ناهي ته ڪو به مرد ڪنهن به عورت کي بيگناهه قتل ڪري پر غيرت جو مطلب نياڻين جي عزت ۽ احترام ڪرڻ آهي، اسان جي معاشري ۾ عورتن کي غيرت جي نالي تي جانورن جيان ڪُٺو پيو وڃي. هنن چيو ته تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ نياڻين توڙي ڪم واري هنڌ يا عوامي هنڌن تي عورتن کي هراسان ڪيو پيو وڃي،هنن چيو ته  اسين چاهيون ٿا ته عورتون جيڪي دنيا جي اڌ آبادي جون حصو آهن انهن کي معاشري ۾ برابري جا حق ملڻ گهرجن، عورتن جي تحفظ وارن قانونن تي عمل درآمد نه ٿيڻ جي ڪري سکر ۾ گلان ڀارو، باقراڻي ۾ شاهده ۽ سندس ڌيءَ نغمه، ٽنڊومستي ۾ خالده چانڊيو، شهدادڪوٽ ۾ نصيبان جمالي، سجاول جوڻيجو ۾ امينا بروهي، گاجي کھاوڙ ۾ نائله ڀٽي سميت ٻين عورتن کي ڪارنهن جو الزام ڏئي بيدردي سان قتل ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ۾ جرڳا ڪري عورتن کي ڪارنهن جو الزام ڏئي نياڻين کي سڱ چٽي عام آهي. اهڙن ڪڌن رسمن جي ڪري اسان جي سماج تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته صوبائي توڙي وفاقي سطح تي عورتن جي تحفظ جي لاءِ جيڪي قانون جڙيل آهن انهن تي عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ جوڳا قم کنيا وڃن، ڪارنهن الزام توڙي هراسمينٽ وارن واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏياري عورتن کي به مردن جيان جيئڻ جو حق ڏئي جرڳائي نظام جو خاتمو ڪيو وڃي.