لاڙڪاڻي ۾ فائرنگ واقعي بعد سيالن ۽ عباسين ۾ ڇڪتاڻ برقرار: ڳالهيون نه ٿي سگهيون
جنوري 8, 2025
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سان گڏجي ڪوٽ دراب عباسي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بدقسمتي سان لاڙڪاڻي ۾ جيڪو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ مان پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته گاڏي منهنجي آهي، اسان مٿان دٻاءُ هيو ته ماڻهو پيش ڪيو پر مان بغير ايف آءِ آر جي گاڏي ڏني ۽ جڏهن هنن ماڻهن جي گهر ڪئي ته مان چيو ته ڪنهن مٿان ايف آءِ آر ناهي ته مان ڪيئن ماڻهو ڏيان؟، هن چيو ته عبدالاحد 6 ڏينهن اڳ پاڻمرادو پوليس وٽ پيش ٿيو، جنهن جي گرفتاري اڃا تائين ظاهر ناهي ڪئي وئي، ۽ ان کان من پسند بيان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته 2024ع جي عام چونڊن کان اڳ منهنجي تڪ ۾ تبديلي ڪيون ويون، جيڪي چونڊون پوليس، روينيو ۽ ماسترن جون چونڊون هيون ۽ عام چونڊن کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ جيڪو واقعو پيش آيو جنهن معاملي جون ڳالهيون 20 تاريخ تي رکيل آهن، ان فيصلي جو پسمنظر به عام چونڊون آهن، هن چيو ته اڳوڻي وزير چيو آهي ته فيصلي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي، اسين چاهيون ٿا ته 20 تاريخ تي فيصلو ٿئي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ پيش آيل واقعو سياسي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش آهي، سڄي سنڌ ۾ ساڳيو صورتحال آهي، سياسي مخالفن خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، اسان اڳ به اسان به قانوني رستو اختيار ڪنداسين، ڪنهن کي ڏاڍ ڪرڻ نه ڏينداسين، انتظاميه ۽ پوليس کي گهرجي ته هو ڌر نه ٿين، اسان نه ٿا چاهيون ته ماحول خراب ٿي، اسان شهر جو امن چاهيون ٿا. هن چيو ته ڪنهن ماڻهو طرفان ٽياڪڙي ڪرڻ واري معاملي جي اسان کي ڪا خبر ناهي. جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو چيو ته واقعي بعد مان هتي پريس ڪانفرنس ڪندي معظم علي عباسي ۽ ان جي پٽ کي گرفتار ٿيڻ نه ڏينداسين، اڄ به ان ڳالهه تي قائم آهيان ڇاڪاڻ گذريل عام چونڊن ۾ به هن شهر اڳ لاش کنيا، اسان سياست ۽ شهر گيري ان ڪري ڪري رهيا آهيون ته اسان ماڻهن جو تحفظ نه ڪري سگهيا آهيون پر معظم علي عباسي مون کي اختيار ڏنا ۽ مان پل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مان سهيل انور سيال جي رهائشگاهه تي وڃي کيس فون ڪئي ۽ چيو ته هن مسئلي کي ختم ڪيو جنهن چيو ته مون کي وقت ڏيو ساڳي ڳالهه طارق انور سيال به ڪئي هئي، ان وقت سهيل انور سيال ڪراچي هو ۽ چيو ته مان لاڙڪاڻي اچان ٿو ۽ ميڊيا سان ڳالهيندس، ٻئي ڏينهن تي مان 4 ڪلاڪ سهيل انور سيال جي رهائشگاهه تي موجود هيس ۽ مان چيو ته ڪنهن منصف وٽ ويهي ڳالهيون ڪيون ۽ جيڪو طئي ٿئي ائين ڪيو ڇاڪاڻ ته مون کي رت جي بدبوءِ پئي اچي تنهن ڪري مان ويس جنهن تي سهيل انور سيال چيو ته معظم علي عباسي کي مون وٽ کڻي اچو بعد ۾ مان سوچيندس ۽ هن مهلت گهري جنهن جو گواهه پ پ ايم پي اي سردار خان، چانڊيو ۽ سهيل جو مامو ۽ طارق سيال به آهن. هن چيو ته مان چيو ته معظم علي عباسي کي توهان وٽ وٺي آيس ته پوءِ فيصلي جي ڪهڙي ڳالهه آهي ان تي سهيل انور سيال چيو ته پوءِ هو سوچيندو ۽ اڌ ڪلاڪ ٻاهر ويو ۽ سڀاڻي جو وقت گهريو ته هو صلاح مشورو ڪري ٻڌائيندو، اڄ 3 ڏينهن آهي پر سهيل انور سيال طرفان ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي ان جو ڪو جواب آيو آهي، حالانڪه سهيل انور سيال ڪافي مسئلن تي مون وٽ آيو آهي جنهن تي مون هميشه کيس مان ڏنو آهي. هڪ چيو ته سهيل انور سيال طرفان هڪ ماڻهو کي معاملي ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ بابت ويڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي، هن چيو ته سياست ڪيو پر شرافت ۽ روداري سان ڪيو، هتي رهندڙ ڪنهن جا غلام ناهن، هتي ڏنڊي جي سياست نه هلندي، منهنجي معظم علي عباسي ۽ سهيل انور سيال کي گذارش آهي ته ڳالهين جي ذريعي مسئلي کي حل ڪيو.
معظم عباسي غلطي مڃي معافي وٺي ته کيس معاف ڪنداسين: طارق سيال
باقراڻي (ن پ ا) سيال هائوس تي فائرنگ واري واقعي بعد سيال ۽ عباسي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، ان حوالي سان اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال، پ پ اڳواڻن محمد محسن مشوري ، سيد رياض حسين شاهه ۽ ٻين سان گڏجي سيال هائوس انور آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان امن پسند آهيون، ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مسئلن کي سياسي اشو ناهي بڻايو، جيڪڏهن گهر تي فائرنگ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ڪو غلط عمل ناهي ڪيو، سياسي اشو بڻائڻ بدران قانوني طريقو اختيار ڪيو آهي، جيڪو اسان جو حق آهي، لاڙڪاڻي جي امن خاطر اسان اهڙو ڪو عمل نه ڪرڻ پئي چاهيو ته جنهن سان لاڙڪاڻي جو امن خراب ٿي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عباسي ۽ مولانا صاحب هن معاملي کي هروڀرو سياسي اشو بڻائي رهيا آهن، طارق انور سيال وڌيڪ چيو ته اسان خانداني ۽ اوطاقي ماڻهون آهيون، هميشه تڏي آيلن کي مان ڏنو آهي، مولانا راشد محمود سومرو غلط بياني ڪري رهيو آهي ته سيال کيس مان نه ڏنو، مولانا راشد محمود سومرو پاڻ غلطي تسليم ڪندي چيو ته اهو جيڪو ڪجهه ٿيو آهي غلط ٿيو آهي بس ان معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي اڳتي اچڻ گهرجي، جنهن لاءِ مان معظم عباسي کي اوهان وٽ ايندس ۽ هو اوهان جي تڏي تي اچي معذرت ڪندو پر اسان کيس اهو چيو ته اسان کي مهلت ڏيو ته جيئن اسان پنهنجي ڀائرن، خاندان ۽ دوستن سان صلاح مشورو ڪري وٺون، ٻئي ڏينهن سوشل ميڊيا ۽ جلسن ۾ اهو بيان ڏنو ته سيال صاحبن مونکي ۽ سردار خان چانڊيو کي مان نه ڏنو، اهو سراسر غلط آهي، اسان بار بار اهو چون پيا ته اسان لاڙڪاڻي جي امن خاطر هن واقعي کي سوشل ميڊيا تي آڻي سياسي اشو نه پيا بڻائڻ چاهيون، اسان ته پنهنجا خون به ميڙ وٺي اچڻ تي معاف ڪري ڇڏيا آهن، هي ته گهر تي فائرنگ جو واقعو آهي،طارق انور سيال هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جا دروازا 24 ڪلاڪ کليل آهن جيڪڏهن معظم علي عباسي پنهنجي غلطي تسليم ڪري تڏي تي اچي معافي وٺي ته لاڙڪاڻي جي امن خاطر سنڌ جي روايتن موجب ميڙ کي مان ڏئي کيس معاف ڪري ڇڏينداسين.