لاڙڪاڻي ۾ قمبر جي سي ايم او روشن لولائي جي ڀاءُ جو گهر مان سڙيل لاش هٿ

آگسٽ 5, 2023

 ڊکڻ (رپورٽر) ڊکڻ واسي قمبر شهدادڪوٽ جي سي ايم او روشن لولائي جي  نوجوان ڀاءُ  جو لاڙڪاڻي  ۾ گهر مان  سڙيل لاش هٿ آيو آهي

ڳوٺ بڊو جي رهواسي سي ايم او روشن لولائي جو ڀاءُ مقبول لولائي لاڙڪاڻو ۾ رهندڙ هو اڄ صبح ميروخان چوڪ تي گهر جي ڪمري مان سندس سڙيل  لاش هٿ آيو، اطلاع تي سندس وارث لاڙڪاڻي پهچي ويا

فوتي مقبول لولائي جي ڀاءُ سي ايم او قمبر شهدادڪوٽ روشن لولائي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ مقبول لولائي ڳوٺ بڊو ۽ لاڙڪاڻو ۾ رهندو هو اڄ ان جو گهر مان سڙيل لاش مليو آهي

سندس چوڻ هو ته پوسٽ مارٽم ڪرايون پيا، اي سي مان باھه لڳڻ جو ٻڌايو پيو وڃي پر هتي بيڊ يا ٻيو ڪجهه ناهي سڙيو قتل آهي يا اتفاق  وڌيڪ معلومات گڏ ڪري رهيا آهيون

Leave A Comment