لاڙڪاڻي ۾ مبينا پوليس مقابلو، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

مَي 10, 2025

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ۽ بغير لائسنس هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي احمد چوڌري موجب رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد نائچ لاڙي واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس جو واردات جي نيت سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿيو، مقابلي دوران ٻنهي طرف کان فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي سڃاڻپ عبيد الله حاجاڻو طور ڪئي وئي آهي، زخمي جوابدار جي قبضي مان باقراڻي ٿاڻي جي حد مان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ۽ بغير لائسنس پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي، شروعاتي معلومات موجب گرفتار جوابدار سنگين نوعيت جي وارداتن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهي، جنهن جي اڳوڻي ڪرمنل رڪارڊ جي جاچ پڻ جاري آهي.

Leave A Comment