لاڙڪاڻي ۾ مبينا پوليس مقابلو، 50 لک انعام يافته جوابدار مارڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻي ۾ مبينا پوليس مقابلو، 50 لک انعام يافته جوابدار مارڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ بين الصوبائي ڊرگ ڊيلر ۽ 50 لک رپيا انعام يافته جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري ٻڌايو ته مارجي ويل جوابدار شهيد ڪانسٽيبل زوار مشتاق احمد تنيو جي شهادت واري ڪيس جو مُک ڪردار ۽ ابڙو گينگ جو اڳواڻ هو، پوليس ڏوهارين جي موجودگي واري اطلاع تي وفاقي سول حساس اداري جي سهڪار سان وليد ٿاڻي جي حد عرب پير واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي، جتي مقابلي ۾ ٻنهي طرف کان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ واحد بخش عرف سونو ابڙو طور ٿي آهي. مارجي ويل ڏوهاري 30 کان وڌيڪ منشيات فروشي، دهشتگردي، رهزني ۽ پوليس مقابلن جي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو، مارجي ويل جوابدار جو ڪرمنل ۽ سي سي ٽي وي رڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي، فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقابلي واري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري واقعي واري هنڌ تان هٿيار به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.