لاڙڪاڻي ۾ مزدورن کان ڦر جي ڪوشش، ڦورو ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو

جُون 24, 2023

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )  لاڙڪاڻي ۾ ٽيچرس ڪالوني ڀرسان مزدورن کان ڦر جي ڪوشش، فائرنگ جي نتيجي ۾ مبينا ڦورو مارجي ويو

ماهوٽا ٿاڻي جي حد ٽيچرس ڪالوني ڀرسان هوٽل جي مزدورن کان ڏوهارين ڦر ڪري تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب مزاحمت تي فائرنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو

اهڙي اطلاع تي حد جي پوليس پهچي واقعي جا تفصيل وٺي مارجي ويل ڏوهاري جو لاش چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو

مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ شادڻ جتوئي جو رهواسي محمد علي پٽ غلام محمد جتوئي طور ٿي آهي، لاش سندس ماءُ حميده جتوئي جي حوالي ڪيو ويو آهي

ماهوٽا پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل رات دير سان دودائي باءِ پاس ڀرسان قائم اي بي سي هوٽل جا مزدور واپس اچي رهيا هئا ته ڏوهارين روڪي ڦر لٽ ڪري تشدد جو نشانو بڻايو

پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته تشدد دوران هڪ مزدور ڀڄڻ لڳو ته ڏوهارين مٿان فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ ڏوهاري محمد علي جتوئي مارجي ويو

Leave A Comment