| لاڙڪاڻي ۾ ميوزيڪل نائيٽ: فنڪارن پاران سر ورکا |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو آرٽ ڪائونسل پاران ڪوٺايل ميوزيڪل نائيٽ ۾ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن سرن جي ورکا ڪري ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. موسيقي جي محفل ۾ ديبا سحر، ليليٰ سورٺ، شبو لال، شبانه سورٺ، غلام شبير سمون، جگر جلال، نادر لاشاري، راجا سمون، سليم ڪنڀر ۽ ٻين گيت ڳائي پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. ان موقعي تي برڪت بلوچ باهه تي ڪرتب ڏيکارڻ سان گڏ قومي گيتن تي بلوچي رقص پيش ڪري داد وصول ڪيو