لاڙڪاڻي ۾ نوجوان مارڻ جي جاچ مڪمل، سفارشون تيار، ٽيم واپس رواني

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان مارڻ جي جاچ مڪمل، سفارشون تيار، ٽيم واپس رواني

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ۾ هفتو اڳ پوليس اهلڪار طرفان سرعام مبينا جوابدار علي گل ڪلهوڙو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري واقعي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ ذوالفقار لاڙڪ جي سربراهيءَ ۾ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن ۾ ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ ميمبر طور شامل هئا. ذريعن موجب ته آءِ جي سنڌ طرفان جوڙيل اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي واقعي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي، جاچ مڪمل ڪرڻ بعد ڪميٽي جا سمورا ميمبر پنهنجو ڪم پورو ڪري واپس روانا ٿي ويا آهن. ذريعن موجب اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن، جيڪي ٻن ڏينهن اندر آءِ جي سنڌ کي پيش ڪيون وينديون. واضح رهي ته 2 جنوري تي آءِ جي سنڌ پاران اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي وئي هئي، جنهن کي جاچ لاءِ ٽي ڏينهن جو وقت ڏنو ويو هو جنهن کان پوءِ جاچ ڪميٽي لاڙڪاڻي پهچي ڊي آءِ جي آفيس ۾ ايس ايڇ او حيدري عبدالرزاق گانئيچو، وڏي منشي، گرفتار اهلڪار عرض محمد جتوئي، زخمي اهلڪار اورنگززيب جتوئي، اهلڪار عزير، مبينا جوابدار علي گل ڪلهوڙو جي وارثن سندس سئوٽ غلام مصطفيٰ، مامي سچل، استاد منظور ڪلهوڙو، محمد بخش ڪلهوڙو جا بيان قلمبند ڪيا ويا هئا.