| لاڙڪاڻي ۾ هفتو اڳ کنڀيل پورهيت نه مليو، وارث پريشان |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ هٽي جي رهواسي عورتن ۽ ٻارڙن هفتو اڳ پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل پورهيت نوجوان جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن بيواهه عورت عمره خاتون زال مرحوم بهرام گوپانگ پنهنجي ننهن سويران، پوٽين، مهوش، ثمرين، پروينه، پوٽن مصطفيٰ ۽ حسن عباس گوپانگ سان گڏجي الزام لڳائيندي چيو ته گذريل 5 جنوري تي رات جي وقت سي آءِ اي ۽ باقراڻي ٿاڻن جي پوليس چادر چوديواري جو تقدس پئمال ڪندي بيگناھ منهنجي گهر مٿان چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي هٿيارن جي زور تي هراسان ڪرڻ بعد نوجوان پورهيت پٽ گلشن گوپانگ کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ کيس گم ڪيو ويو آهي، سيشن ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي آهي پر تنهن باوجود هن وقت تائين پٽ جو ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، هن مطالبو ڪيو ته سي آءِ اي ۽ باقراڻي ٿاڻن تي مقرر ٿيل عملدارن ۽ اهلڪارن کان پڇاڻو ڪرڻ سان گڏ پٽ کي ظاهر ۽ آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.