لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙا نشو واپرائڻ لڳا: پوليس اهلڪار جي پٽ جي وڊيو وائرل

جُولاءِ 4, 2023

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي شهر ۾ منشيات جي سر عام وڪري سبب ننڍي عمر جا ٻار نشو واپرائڻ لڳا آهن، پوليس منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ منٿليون وٺڻ ۾ پوري آهي

 ان ڏس ۾ شھر جي ريلوي ڪالوني واري علائقي ۾ 13 ورهين جي ننڍي عمر جي ٻار جي نشو واپرائيندي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

وڊيو  ۾ نشو واپرائيندڙ نينگر پنهنجو نالو عمران ڏيٿو ۽ پيءُ جو نالو پوليس جمعدار امتياز ٻڌائي چئي رهيو آهي ته هو پوليس اهلڪار جو پٽ آهي

هوڏانهن اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ باوجود لاڙڪاڻو پوليس توڙي ضلعي انتظاميه طرفان معاملي جو نوٽيس نه ورتو ويو آهي، جنهن ڪري منشيات جي سرعام وڪري سبب نوجوانن سان گڏ ننڍي عمر جا ٻار به نشي جي عادت ۾  مبتلا ٿي رهيا آهن

شهر جي سڄاڻ ڌرين اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته منشيات فروشن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري نوجوان نسل سان گڏ ننڍي عمر جي ٻارن جي مستقبل کي بچايو وڃي

Leave A Comment