لاڙڪاڻي ۾ پاڻ کي باهه ڏيندڙ پوليس اهلڪار يعقوب جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي
آڪٽوبر 30, 2023
لاڙڪاڻي ۾ 4 ڏينهن اڳ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندڙ پوليس اهلڪار يعقوب دايو جو مڙهه ڪراچي مان رتوديرو پهچائي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو
شهيد اهلڪار جي جنازي نماز ۾ وارثن ۽ شهرين کانسواءِ پوليس اهلڪارن به شرڪت ڪئي، يعقوب دايو گذريل رات سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو
وارثن موجب يعقوب دايو شوگر جي بيماري سبب وقت کان 3 سال اڳ رٽائرمينٽ جي درخواست ڏني هئي، پوليس آفيسرز رشوت طور ڳريون رقمون اوڳاڙي کائي ويا ته يعقوب دايو ٿاڻي اندر پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي
فوتي اهلڪار جي پٽ عابد علي دايو چيو آهي ته منهنجي پيءُ کي ڪراچي ۾ نڌڻڪو ڪري مارايو ويو، پوليس پاران ڪا به سار نه لڌي وئي، لاڙڪاڻي جي ڪرپٽ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو