| لاڙڪاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو |
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان پراڻي تڪرار تان ڳوٺ ويندي پوليس اهلڪار قتل، ماهوٽا ٿاڻي جي حد دودائي باءِ پاس عاقل روڊ تي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ون فائيو مددگار بيس ون تي ڊيوٽي ڪندڙ شهر جي ڳوٺ جليل شر واسي نوجوان پوليس اهلڪار اصغر شر سخت زخمي ٿي پيو ۽ هٿياربند فرار ٿي ويا، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي زخمي اهلڪار کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي اهلڪار زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، ماهوٽا پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب قتل ٿي ويل اهلڪار اصغر شر هينئر لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلا ۾ رهندو هو جيڪو اصل ڳوٺ جليل شر جو رهواسي هو ، وارثن جو چوڻ آهي ته سندن جو پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، اصغر شر ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي. وڌيڪ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.