| لاڙڪاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان پورهيت نوجوان گوليون هڻي قتل |
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني روڊ تي پراڻي تڪرار تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڀينس ڪالوني مال پڙي واري علائقي جي رهواسي 28 ورهين جي پورهيت نوجوان احسان سولنگي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جو پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سان پراڻي دشمني آهي، جنهن معاملي تان هٿياربندن فائرنگ ڪري احسان سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او رحمت پور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ايس ايس پي جو چوڻ هو ته مقتول جي والد رستم علي سولنگي موجب سندن جو پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سان ذاتي دشمنيون آهن جنهن معاملي تان اهڙو واقعو پيش آيو آهي. ٻئي طرف اسپتال انتظاميه ضروري ڪارروائي بعد مقتول نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.