لاڙڪاڻي ۾ پراڻي  تڪرار جي آڙ ۾ هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، قمبر واسي نوجوان  قتل 

لاڙڪاڻي ۾ پراڻي  تڪرار جي آڙ ۾ هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، قمبر واسي نوجوان  قتل 

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ زميني تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ستون نمبر ناڪي واري علائقي ۾ زميني تڪرار تان هٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب قمبر تعلقي جي ڳوٺ پکو جو رهواسي 39 ورهين جو حضور بخش مغيري سخت زخمي ٿي پيو، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي علاج دوران زخمي زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ مجاهد علي مغيري ٻڌايو ته جاگيراڻي ذات جي بااثرن جو اسان جي ذات جي ماڻهن سان زميني تڪرار هلندڙ آهي جنهن معاملي سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي پر ان جي باوجود جاگيراڻي ذات جي بااثرن ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ڀاءُ حضور بخش مغيري مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي جنهن کان پوءِ انهن ڀاءُ مٿان قاتلاڻو حملو ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو جنهن ٽراما سينٽر ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي، هن مطالبو  ڪيو  ته  جوابدارن خلاف ڪارروائي  ڪري انصاف ڪيو وڃي.ٻي طرف  پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ موجب هٿياربند ويگو گاڏي تي سوار هئا، وڌيڪ مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. مقتول جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهن آيا.