| لاڙڪاڻي ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن سپاف تعلقي صدر کي قتل ڪري ڇڏيو |
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان پراڻي دشمني تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شاگرد اڳواڻ سپاف تعلقي لاڙڪاڻي جو نائب صدر قتل، ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ نهال جي مياڻي ۾ پراڻي دشمني تان اڻڄاتل هٿياربندن شاگرد اڳواڻ سپاف تعلقي لاڙڪاڻي جي نائب صدر 25 ورهين نوجوان عقيل احمد سهتو مٿان فائرنگ ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويا،اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان مقتول جي وارثن ٻڌايو ته جتوئي ۽ عمراڻي ذات جي ماڻهن گهر جي در تي عقيل کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي،
قتل واقعي جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون
لاڙڪاڻو: ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري واقعي جو نوٽيس وٺندي آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. ان حوالي سان ايس ايس پي چيو آهي ته ايس ايچ او آريجا جي شروعاتي رپورٽ موجب واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو آهي، جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس ٽيمون جوڙيون ويون آهن، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
جتوئي ۽ عمراڻي ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي: پوليس
لاڙڪاڻو: پوليس ٻڌايو ته وارثن شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو آهي ته جتوئي ۽ عمراڻي ذات جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻو تڪرار آهي، جنهن معاملي تان هٿياربندن عقيل احمد سهتو کي گهر جي در تي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.