| لاڙڪاڻي ۾ پوليس جا مبينا مقابلا: 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس ٻن ڌار ڌار مبينا مقابلن ۾ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري ٻڌايو ته حيدري جي حد جمالي لاڙي واري علائقي ۽ لاشاري ٿاڻي جي حد لاشاري پل واري علائقي ۾ گشت دوران پوليس ڏوهن جي ارادن سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وڏا مھر واسي آفتاب مھر ۽ سارنگ پٽ لياقت ڪلهوڙو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ٻئي جوابدار تازو ٿيل وارداتن ۽ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث آهن.