| لاڙڪاڻي ۾ پوليس جو مبينا مقابلو، هڪ جوابدار کي مارڻ جي دعويٰ، اهلڪار زخمي |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد ۾ شهري کان ڦر دوران جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب حيدري ٿاڻي جو پوليس اهلڪار اورنگزيب جتوئي زخمي ٿي پيو، جتي مبينا پوليس مقابلي ۾ پوليس هڪ جوابدار جي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، زخمي اهلڪار ۽ مبينا جوابدارجو لاش کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو، جتي زخمي اهلڪار کي طبي امداد ڏني وئي. ان حوالي سان حيدري ٿاڻي جي پوليس موجب ٽن اڻڄاتل ڦورن شهري کان ڦر ڪري رهيا هئا ته پوليس اهلڪارن ڦورن جو پيڇو ڪيو جنهن دوران جوابدارن فائرنگ ڪري اهلڪار اورنگزيب جتوئي کي زخمي ڪري فرار ٿي رهيا هئا، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شهر ۾ ناڪابندي ڪئي جنهن دوران پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو آهي جنهن جي سڃاڻپ مهي مڪول واسي علي گل پٽ الهه رکيو طور ٿي آهي جنهن جو ڪرمنل رڪارڊ هٿ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته فرار ٿي ويل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.