| لاڙڪاڻي ۾ پوليس جو مبينا مقابلو، 2 جوابدارن کي مارڻ جي دعويٰ |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس مبينا مقابلي ۾ انتهائي گهربل جوابدار کي ماري هٿيار ۽ ڦر ڪيل موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري موجب حيدري ٿاڻي جي حد جمالي لاڙو واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس واردات جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين کي پنهنجن ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. مقابلي دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڏوهاري پنهنجن ئي ساٿين جي فائرنگ سبب مارجي ويا آهن جن وٽان لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني واري علائقي ۾ زيب سينيٽري شاپ مان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪري ورتي آهي. مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ قربان سنجراڻي ۽ ياسين مهيسر جي نالن سان ٿي آهي. مارجي ويل جوابدارن جي 3 اپريل تي موبائيل فون ڦر ڪرڻ دوران هڪ شهري کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن واقعي جي سي سي ٽي وي رڪارڊنگ پڻ حاصل ڪئي وئي آهي. مارجي ويل مجموعي طور تي 30 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ نامزد هئا، جن ۾ دهشتگردي ايڪٽ، رهزني ۽ پوليس مقابلي جا ڪيس شامل آهن.