لاڙڪاڻي ۾ پ پ جي سهڪار سان ورهين کان ويٺل 8 پوليس آفيسر ضلعي بدر

آگسٽ 27, 2023

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نويد لاڙڪ) سنڌ ۾ نگران حڪومت قائم ٿيڻ جي ڪجھه ئي ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي اندر پوليس کاتي ۾ وايو منڊل ئي تبديل ٿي ويو

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالحميد کوسو جي حڪم تي لاڙڪاڻي ضلعي اندر ورهين کان لڳل 8 پوليس آفيسرن کي ضلعي بدر ڪيو ويو

اهي8 ئي پوليس آفيسر پ پ جي بااثر شخصيتن جي مبينا سهڪار سان ڊگهي عرصي کان ٿاڻن سميت مختلف پوسٽنگس تي تي مقرر هئا

ٻئي مرحلي ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران مختلف ٿاڻن تي پ پ جي مبينا سهڪاري ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي به هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيو

رتوديرو، ڏوڪري، باقراڻي، رحمت پور، الله آباد، وليد ،سول لائن، تعلقي، الاهي بخش سيال، عاقل، بقاپور سميت ضلعي جي ڪيترن ئي ايس ايڇ اوز کي هٽايو ويو

هٽايلن ۾ ڊي ايس پيز ۽ ايس ايچ اوز شامل آهن، ذريعن موجب پوسٽنگ ماڻيندڙ نوان ايس ايڇ اوز پ پ دور ۾ نظر انداز رهيا، هينئر کين پ پ مخالف قوتن جي سفارش تي مقرر ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب ايندڙ ڏينهن ۾ به پوليس اندر وڏين تبديلن جو امڪان آهي، وڏي پئماني تي پوليس آفيسر ۽ اهلڪار لاڙڪاڻي مان ضلعي بدر ٿيڻ جا امڪان آهن، لسٽون به ٺهي ويون آهن

لاڙڪاڻي کان ڪشمور ضلعي بدر ٿيل پوليس آفيسرن ۾ انسپيڪٽر محمد نوناري، انسپيڪٽر خليل رحمان مسڻ، انسپيڪٽر حسين علي بروهي، سب انسپيڪٽر امداد علي شر، انسپيڪٽر نئير حسين بروهي (ايس ايچ او تعلقي ٿاڻو)، اي ايس آءِ نثار احمد شامل آهن، ڪانسٽيبل راشد علي جتوئي کي به ضلعي بدر ڪيو ويو

Leave A Comment