لاڙڪاڻي ۾ پوليس کي مليل شرٽون عام ماڻهو استعمال ڪرڻ لڳا

سيپٽمبر 14, 2023

لاڙڪاڻو(رپورٽ: نادر ابڙو)لاڙڪاڻي ۾ سنڌ پوليس جي اهلڪارن کي مليل شرٽون سرعام استعمال ٿيڻ لڳيون آهن

 لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ٻيڙو چانڊيو ۾ گڏهن تي سرون ڍوئيندڙ مزدور پاران پوليس جي شرٽ استعمال ڪرڻ لڳا آهن جن پورهيتن جي ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

وائرل ٿيل وڊيو  ۾ گڏهه تي سواري ڪندڙ پورهيت نوجوان پوليس جي شرٽ پائي گڏهه تي مزدوري ڪرڻ لاءِ وچ روڊ تان گذري رهيو آهي

 واضع رهي ته لاڙڪاڻو پوليس ۾ ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪارن طرفان مختلف وقتن تي ورديون نه ملڻ سبب شڪايتون ڪيون ويندون آهن جيڪي ورديون ۽ شرٽون اهلڪارن کي ڏيڻ بجاءِ گڏهه تي سواري ڪندڙ پورهيتن کي ڏنيون ويون آهن جيڪي سرعام پائي پورهيو ڪري رهيا آهن، لاڙڪاڻو پوليس جي ڪنهن به بالا آفيسر اهڙي معاملي جو نوٽيس ناهي ورتو

هوڏانهن لاڙڪاڻي جي ساڃاهه وندن مطالبو ڪيو آهي ته پوليس جون شرٽون مزدورن کي ڏيندڙ پوليس آفيسرن يا اهلڪارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جو واقعو پيش نه اچي

Leave A Comment