لاڙڪاڻي ۾ پيسا ٻيڻا ڪرڻ جو ڏٽو: ٺڳ دڪاندار جا 20 لک کڻي ويو

جُون 22, 2023

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد مراد واهڻ ۾ سيد سڏائيندڙ شاهينگ ڪرياني دوڪاندار ممتاز شيخ کي پئسا ٻيڻا ڪري ڏيڻ جي بهاني 20 لک روپيا ٺڳي فرار ٿي ويو،  اطلاع تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

 ان حوالي سان متاثر دوڪاندار ممتاز علي شيخ ٻڌايو ته پاڻ کي سيد سڏائيندڙ اڻڄاتل شخص دوڪان تي اچي مون کي ٻڌايو ته توکي ڪا بيماري آهي جنهن تي مون ان مٿان ڀروسو ڪيو ان بعد هن مون کي چيو ته  تنهنجي گهر ۾ جيڪي رقم پئي آهي اهي مون کي ڏئي ته ٻيڻا ڪري ڏيان

دڪاندار موجب مون نياڻي جي شادي لاءِ رکيل 20 لک جيڪي پئسا مون گهر واري کي ٻڌائڻ بغير شاهينگ کي ڏنا ۽ هو رقم کڻي فرار ٿي ويو آهي

 هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته شاهينگ کي گرفتار ڪري 20 لک روپيا واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي

 ٻئي طرف حد جي دڙي ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته دوڪاندار ممتاز شيخ کان اڻڄاتل شخص سيد سڏائي رقم ٻيڻي ڪري ڏيڻ جو چئي 20 لک روپيا ٺڳي ويو آهي جنهن جا سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ ڪري ڳولا ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment