لاڙڪاڻي ۾ ڀٽائي جو جنم ڏهاڙو ملهايو ويو، شاهه جي سورمين کي ڀيٽا

لاڙڪاڻي ۾ ڀٽائي جو جنم ڏهاڙو ملهايو ويو، شاهه جي سورمين کي ڀيٽا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي ادب شعبي پاران حضرت شاھ عبداللطيف جو جنم ڏينھن ڀٽائي ادبي ھال ۾ ملھائي “شاهه جون سورميون” جي موضوع تي سنڌ جي سڄاڻ عورتن ڀٽائي جي سورمين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ثمينه ابڙو سر “سھڻي” تي ڳالھائيندي چيو ته سھڻي  محبت جي ديوي ھئي ۽ ھوءَ  گھڙو ڀڃندي به ڪيٻائي نه ٿي پر محبت کي پار ڪندي جان جو نذرانو پيش ڪري ڇڏي ٿي ۽ لطيف جو پيغام  ۾ اھا ڳالھه پروڙي سگھجي ٿي ته سھڻي جدوجھد ۽ معاشري کان عليحدگي وارو مثالي ڪردار آھي جنھن مان ڪيترائي سبق ملندا رھن ٿا. فھميده ابڙو سر ” نوري“ تي ڳالهائيندي چيو ته شاهه ڀٽائي جو ھيءُ سر مڪمل پيغام آھي ته انسانيت ئي سڀ ڪجھه آھي. روبينا ابڙو سر “مومل” تي ھڪ نئين نڪور انداز ۾ شاهه سائين کي ڀيٽا ڏني، هن چيو ته  فطرت ئي محبت جو اصل پيغام آھي جنھن کي شاهه سائين مومل واري سر ۾ حقيقت واري پيغام کي جوت جلائيندي پيش ڪيو آھي. عائشه ساريو سر “مارئي” تي ڳالهايو، رفيعه بخاري سُر “سورٺ” تي خيالن جو اظهار ڪيو، هن چيو ته شاهه جي سڀني سورمين ۾ سورٺ جو ڪردار مختلف آھي ۽ ڪردار به اعليٰ  قرباني وارو ڀانئنجي ٿو ۽ ھن سر مان ھڪ سبق ملي ٿو ته جيڪو واعدو ڪجي اھو پاڙجي. آمنه شاھاڻي درشھوار، پرھ سڪينه گاد به خيالن جو اظهار ڪيو، تقريب ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي صدر محمد اسماعيل جتوئي، محمد حنيف سھاڳ، سيد جاويد شاهه، نديم اختر سومرو، نصير محمد کهاوڙ، عبدالنبي ساريو، عاشق دايو، رضوان گل، جھانگير عباسي، رابعه چنا، رخسانه علي، سميرا سومرو، ريحانه سيال، عائشه چن، فضا ساريو، رميشا، سويرا، امبرين تطھير، ھومل قريشي، سيما، بسمه، مريم، روزينه، رابعه، صبا ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.