لاڙڪاڻي ۾ ڏوهاري ڄاڻائي نوجوان مارڻ جي جاچ رپورٽ پڌري نه ٿي

لاڙڪاڻي ۾ ڏوهاري ڄاڻائي نوجوان مارڻ جي جاچ رپورٽ پڌري نه ٿي

قمبر (رپورٽر) لاڙڪاڻي ۾ پوليس اهلڪار هٿان ڏوهاري ڄاڻائي ماريل قمبر جي ڳوٺ ماهي مڪول واسي علي گل ڪلهوڙو جي معصوم پٽ ۽ نياڻي کي شهيد ڀٽو سان لاڳاپيل سماجي اڳواڻن شوڪت چانڊيو ۽ عرفان گوپانگ گرم ڪپڙا، سويٽر،جيڪٽ،بوٽ پارايا ۽ ساڻن همدردي جو اظهار ڪيو، شوڪت چانڊيو ۽ عرفان گوپانگ جو چوڻ هيو ته مارجي ويل علي گل جو معصوم پٽ ۽ ڌي ٽائيم نيوز تي هليل بيان ۾ چيو هيو ته با با اسان لاءِ گرم ڪپڙا، بوٽ ۽ ڪيلا وٺڻ ويو هيو ته کيس پوليس ماري ڇڏيو، جنهن تي ساڻن همدردي جو اظهار  ڪيو. ياد رهي ته لاڙڪاڻي جي حيدري ٿاڻي جي پوليس 27 ڊسمبر تي علي گل ڪلهوڙو کي مبينا مقابلي  ۾ قتل ڪيو هيو، پوليس طرفان علي گل کي ماڻهن جي مجموعي ۾ گوليون هڻي مارڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي هلڻ بعد سرڪار طرفان نوٽيس وٺندي واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي هئي.