لاڙڪاڻي ۾ ڦر مزاحمت تي زخمي ٿيل پورهيت فوت: اسپتال عملي تي غفلت الزام: ڌرڻو
مارچ 5, 2025
لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ڳوٺ مسو حٻ وٽ گذريل ڏينهن صبح جي پهر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل شاهه بھارو ڪالوني واسي 5 ٻارڙن جو والد ٽريڪٽر ڊرائيور صدام حسين اوڍو اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، واقعي خلاف مقتول جي وارثن ٽراما سينٽر ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مقتول پورهيت جي والد ممتاز علي اوڍو پنهنجي پٽن فاروق احمد، صابر حسين، خورشيد احمد ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته پٽ صدام حسين اوڍو کي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي زخمي ڪيو، ٽراما سينٽر ۾ ڊاڪٽرن پٽ جو آپريشن ڪري هڪ ٻانهن ڪٽي ڇڏي، جنهن کان پوءِ سندس جو بهتر علاج نه ڪيو ويو جنهن ڪري منهنجو پٽ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري غفلت ڪندڙ اسپتال جي عملي خلاف به ڪيس داخل ڪيو وڃي.
واقعي جو ڊي آءِ جي نوٽيس ورتو، سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت
لاڙڪاڻو: ڊي آءِ جي ناصر آفتاب واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي احمد چوڌري سان رابطو ڪري واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
پوليس جون ڪارروايون، شڪي ماڻهو گرفتار، اڻڄاتل هنڌ منتقل
لاڙڪاڻو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي عاقل فهد ارشد مغل کي سختيءَ سان هدايت ڪئي آهي ته واقعي جا تفصيل وٺي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي. پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پوليس واقعي بعد مختلف هنڌن تان ڪجهه شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.