لاڙڪاڻي ۾ کدڙن فقيرن لاءِ شيلٽر هائوس ۽ سکيا گهر کولي وظيفو ڏنو وڃي: ثمرن

جُولاءِ 8, 2023

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن جي اجلاس ۾ کدڙن فقيرن جي مخصوص سيٽ تي چونڊجي آيل  عبدالستار عرف ثمرن مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جيان لاڙڪاڻي جي ٽرانسجينڊرز کي وظيفي سميت سهولتون ڏنيون وڃن

ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي بجيٽ اجلاس ۾ خواجه سراءِ جي مخصوص سيٽن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي خواجه سراءِ ميمبر عبدالستار عرف ثمرن ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورائتا آهيون جنهن مون کي لاڙڪاڻي جي خواجه سرائن جي نمائندگي ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي

سندس چوڻ هو ته منهنجي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي جو اڄ ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ مان خواجه سرائن جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان

هن چيو ته ڪراچي، لاهور ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ خواجه سرائن جي لاءِ شيلٽر هوم ۽ سکيا گهر ٺاهيا ويا آهن گڏوگڏ انهن کي وظيفو به ڏنو ويندو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته لاڙڪاڻي جي خواجه سرائن کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجا حق ناهن مليا جيڪي انهن حقن کان محروم آهن

ثمرن فقير وڌيڪ چيو ته  مان هن ڪائونسل جي ذريعي سنڌ حڪومت ۽ ميئر کي اپيل ڪندس ته هو خواجه سرائن جي لاءِ شيلٽر هائوس، سکيا گهر ۽ وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪري جيئن خواجه سرائن ۾ مايوسي ختم ٿي سگهي

Leave A Comment