لاڙڪاڻي ۾ کدڙن فقيرن ۾ جهيڙو، تشدد ڪري ويڊيو ڀرڻ جو الزام
نومبر 20, 2024
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر سان واسطو رکندڙ کدڙي فقير سيد مظفر علي شاهه عرف چاندني فقير وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل رينج ۾ درخواست ڏني ته مون کي محمد پناهه عرف سلمان فقير عمراڻي پنهنجي ڀائرن سان ملي ڪري تشدد جو نشانو بڻائي ڌمڪيون ڏئي گهر جي ويڊيو ٺاهي آهي جنهن ڪري منهنجي حياتي کي خطرو آهي، اهڙي درخواست تي انچارج وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل رينج بينظير ڪلهوڙو درخواست گذار ۽ الزام هيٺ آيل کدڙن فقيرن کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي ڳالهيون ٻڌيون، جنهن ۾ الزام هيٺ آيل سلمان فقير پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي لکت ڏيندي خاطري ڪرائي ته هو آئنده چاندني فقير سان ڪنهن به قسم جو ڪو به جهيڙو نه ڪندو، ٻيهر جهيڙو ڪرڻ تي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي اهڙي خاطري بعد انچارج پروٽيڪشن سيل ٻنهي کدڙن فقيرن وچ ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏيو آهي.