لاڙڪاڻي ۾ ڪو مدد لاءِ نه آيو: بيمار کدڙو فقير تڙپي تڙپي فوت

لاڙڪاڻي ۾ ڪو مدد لاءِ نه آيو: بيمار کدڙو فقير تڙپي تڙپي فوت

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڪوئيٽا واسي کدڙو فقير جي بيماري واري حالت ۾ سول اسپتال جي پارڪ ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنهن جي لاش کي لاوارث ڄاڻائي علي بحر قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي.  خواجه سراءَ جي فوت ٿيڻ کان اڳ  واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي جنهن ۾ خواجه سراءَ کي بيماري واري حالت ۾ لاڙڪاڻي شهر جي سول پارڪ ۾ دانهون ڪندي ڪنهن کي سڏيندي ڏسي سگهجي ٿو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي خواجه سراءَ جو نالو ثناءَ ۽ سندس ٻانهن تي گل نواز لکيل هو، فوتي خواجه سراءَ اصل ڪوئيٽا جو رهواسي هو جنهن ڪجهه وقت ڪراچي ۾ به رهائش اختيار ڪئي هئي. فوتي خواجه سراءَ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي دوست سان ملڻ لاءِ آيل هو جيڪو لاڙڪاڻي شهر جي سول اسپتال جي پارڪ ۾ بيماري واري حالت ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش سردخاني ۾ رکيو ويو. ٻئي طرف فوت ٿيڻ کان اڳ خواجه سراءَ جي اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ باوجود انتظاميه توڙي خواجه سراءَ تنظيمن خواجه سراءَ جي سار نه لڌي ۽ نه ئي سندس جو علاج ڪيو جنهن ڪري هو سول اسپتال جي پارڪ ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنهن کي لاوارث ڄاڻائي سماجي تنظيم طرفان سندس لاش کي شهر جي علي بحر قبرستان ۾ دفنايو ويو آهي.