| لاڙڪاڻي ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب سڙي زخمي وڌيڪ هڪ عورت فوت: انگ 3 ٿي ويو |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ وارو معاملو، واقعي ۾ سڙي زخمي ٿيل وڌيڪ هڪ عورت ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت، فوتين جو انگ وڌي 3 ٿي ويو، شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد لُهر ڪالوني ۾ هڪ ڏينهن اڳ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب هڪ عورت ۽ هڪ نينگر سميت ٻه ڄڻا فوت ٿيا هئا جڏهن ته ٻارن، عورتن ۽ مردن سميت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان عوررت ساجده سميت 4 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي کين ڪراچي اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي 52 ورهين جي پيرسن عورت ساجده زال مختيار علي جتوئي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 16 زخمين جو لاڙڪاڻي شهر جي ٽراما سينٽر ۽ ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. ٻئي طرف واقعي ۾ فوت ٿيل عورت ساجده جتوئي جو مڙهه ايمبولينس ذريعي لاڙڪاڻي شهر جي لُهر ڪالوني آندو ويو، جنهن جو لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ فوتي عورت جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن گئس سلينڊر واقعي ۾ فوت ٿي ويل عورت ياسمين مغيري، عورت ساجده جتوئي ۽ 5 ورهين جي نينگر غلام مصطفيٰ مغيري جو تڏو شهر جي لُهر ڪالوني ۾ وڇايو ويو، جتي مٽ مائٽن، علائقي واسين سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن پهچي وارثن سان تعزيت ڪري واقعي تي گهري ڏک جو اظهار پڻ ڪيو آهي.