لاڙڪاڻي ۾ گئس سليڊر ڦاٽي پيو: ٽي عمارتون ڊهي پٽ: عورت ۽ ٻار فوت: 17 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻي ۾ گئس سليڊر ڦاٽي پيو: ٽي عمارتون ڊهي پٽ: عورت ۽ ٻار فوت: 17 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽڻ سبب ٽي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون، ڀرپاسي جي 2 گهرن کي جزوي نقصان پهتو، واقعي بعد دٻجي ويل ٻار، عورتون ۽ مرد ڪيهاٽ ڪندا رهيا، ڌماڪي سبب عورت ۽ نينگر فوت، ٻارن ۽ عورتن سميت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، شهر جي ڳتيل آبادي واري علائقي حيدري ٿاڻي جي حد لُهر ڪالوني ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٽن گهرن جون ڇتيون ڊهي پٽ پئجي ويون ۽ ڀرپاسي جي وڌيڪ ٻن گهرن کي پڻ جزوي نقصان پهتو، ڊهي پٽ پئجي ويل گهرن جي هيٺيان دٻجي زخمي ٿيل ٻار، مرد ۽ عورتون ڪيهاٽ ڪندا رهيا، جيڪي سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ 45 ورهين جو قربان علي مغيري سندس گهر واري 40 ورهين جي ياسمين مغيري سندس ڏيرياڻي 25 ورهين جي حنا خاتون، 5 ورهين جو غلام مصطفيٰ پٽ سڪندر علي مغيري، 10 ورهين جي مٺي ڌيءَ عامر رند سندس ڀينرون 12 ورهين جي عليشا، 11 ورهين جي انوشه، 10 ورهين جي زويه، سندس 10 ورهين جو ڀاءُ جواد پٽ جاويد رند، 35 ورهين جي ڪومل زال ڪاشف پٺاڻ سندس ڌيئرون 7 ورهين جي ڪشف بتول، 6 ورهين جي بيبو، 4 ورهين جي قصوا، هڪ ورهين جي محمد واسع پٺاڻ، 52 ورهين جي ساجده زال مختيار علي جتوئي، سندس پٽ 20 ورهين جو محمد علي جتوئي، 30 ورهين جي فضيلا، 50 ورهين جي سلميٰ زال شوڪت علي، 15 ورهين جو فرحان پٽ احسان علي سميت ٻيا شامل آهن،اهڙي واقعي جي اطلاع تي  ريسڪيو1122 جي ٽيم، ميونسپل عملي، پوليس پهچي ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺي ملبي هيٺيان دٻجي ويل ٻارن، عورتن ۽ مردن کي ڪڍي فوري طور تي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي ٽراما سينٽر جي انتظاميه طرفان ٽراما ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري اضافي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي طلب ڪري زخمين کي طبي امداد ڏني وئي جتي علاج دوران سڙي زخمي ٿيل هڪ عورت ياسمين زال قربان مغيري ۽ 5 ورهين جو نينگر غلام مصطفيٰ مغيري زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته سڙي زخمي ٿيل 4 ٻارڙن ڪومل، محمد واسع، جواد ۽ ساجده جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين ڊاڪٽرن جي مشوري تي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شرجيل نور چنا، اسسٽنٽ ڪمشنر راجا خان قريشي، ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لُهر، ڊي ايس پي حيدري احمد بخش راهوجو، ايس ايچ او  حيدري، جي يو آءِ اڳواڻ محبت علي کهڙو سميت ٻيا اڳواڻ واقعي واري هنڌ پهتا جتي عملدارن واقعي بابت تفصيل ورتا جنهن دوران ريسڪيو1122 جي ٽيم ڊپٽي ڪمشنر ۽ ميئر کي ريسڪيو آپريشن بابت بريفنگ پڻ ڏني. واقعي بعد سڙي ۽ دٻجي زخمي ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ هو ته گهر ڀرسان جتوئي ذات سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي گهر ۾ سلينڊر ڦاٽڻ جو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن نتيجي ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي، زور ڌماڪي سان ٽن گهرن جي عمارتن کي نقصان رسيو آهي عمارتن جون ڀتيون ۽ ڇتيون متاثر ٿيون آهن علائقي م خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو.
 

 سمورن رخن کان جاچ ڪري لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪنداسين: ايس ايس پي
 

لاڙڪاڻو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري سمورن حالتن جو جائزو وٺندي لاڳاپيل آفيسرن کان واقعي بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جي سمورن رخن کان شفاف جاچ جو حڪم ڏيندي لاپرواهي جو ذميوارن جي ثابتي ملڻ تي قانوني ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ايس ايس پي موجب لاڙڪاڻو پوليس طرفان وڌيڪ حقيقتون ۽ ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ واقعي جي جاچ جاري آهي.