| لاڙڪاڻي ۾ 6 دڪانن مان چوريءَ سان نئين سال جي شروعات: تحريڪ جو چتاءُ |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ نئين سال جي شروعات سان ئي بدامني، اڻڄاتل چور مُک ڪاروباري مرڪز جيلس بازار ۾ 6 دڪانن کي کاٽ هڻي ڇتيون ڀڃين لکين رپيا روڪ رقم ۽ سامان چوري ڪري فرار، بدامني خلاف تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ، شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مُک ڪاروباري مرڪز جيلس بازار ۾ اڻڄاتل چورن هڪ ئي وقت ٻن ڪرياني پنسار، ٻن ڪنفيڪشنري، هڪ ٻڄ ۽ هڪ صابڻ سميت 6 دڪانن کي کاٽ هڻي ڇتيون ڀڃين اندر گهڙي 25 لک روپين کان وڌيڪ روڪ پئسا، سي سي ٽي وي سسٽم جي ڊي وي آر سميت ٻيو سامان چوري ڪري آسانيءَ سان فرار ٿي ويا، صبح جي وقت واپارين طرفان دڪان کولڻ شرط ڇت ڀڳل ۽ سامان وکريل ڏسي حد جي ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس ۽ فارنزڪ ٽيم پهچي شاهديون ۽ ثبوت گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان متاثر واپارين اشرف غلام حيدر شيخ، حاجي محمد پريل شيخ، عامر شيخ، ذوالفقار شيخ، ارشاد احمد شيخ، احمد علي شيخ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي دانهيو ته پوليس چورن جو پتو نه لڳائي سگهي آهي. لکين رپين جي چوري ٿي، صلاح مشورو ڪري بدامني خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. ٻي طرف واقعي بابت حد جي حيدري ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته 5 لک کان 6 جي چوري ٿي آهي، سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد چورن جو پتو لڳايو ويندو.