اها هن سان منهنجي آخري ملاقات هئي، جڏهن هو جناح اسپتال ۾ زير علاج هو. بيڊ تي بيماري جي حالت ۾ بہ هن شخص کي مون مرجهايل ۽ مايوس نه ڏٺو هو. آئون هن جي پيراندي جھلي ويھي رهيو هئس. سندس فرزند پاسي کان خدمت ۾ حاضر هو۔ مون جڏهن کانئس طبيعت پڇڻ گھري تي هو هڪ گهڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويو ۽ مون ڏانهن نهارڻ بنا لطيف جو هي بيت چيائين۔
تَنَ طبيب نہ تُون، سُڌِ نہ لھين سُورَ جي؛
سانڍِ پنھنجا ڊَبَڙا، کَڏَ کڻي ۾ ڀُون؛
ڪانَ گهُرجي مُون، حياتِي ھوتَنِ ري
موٽ ۾ آئون ڪجهه به ڳالھائي نه سگھيو هئس. الاءِ ڇو ان گهڙي ئي هڪ خوف دل ۾ ڇپ هڻي ويهي رهيو. مون پنهنجي من ۾ لطيف جي سر پورب جو درد لهندي محسوس ڪيو. مون ويراڳين جا واڄٽ ٻڌا. مون سامين کي سفر اسهڻ جا سنڀا ڪندي محسوس ڪيو. مون خالي پٽن تي اسڻ پوريل محسوس ڪيا
پوربيا پوري ويا اسڻ اڌي رات۔ الاءِ ڇو هڪ امڪاني جدائي جو گهاءَ ان گهڙي ئي روح کي لرزائي ويو۔ پکي پرواز ٿي ويندا حويلي ۾ نه ھُل رهندو۔ مون پنهنجي حواسن کي جائيتو ڪيو۔ سندس پٽ کان هلندڙ علاج بابت حال احوال ورتم۔ ان لمحي فقير بچل خاموشي کي ٽوڙيو ۽ فرمائش ڪيائين تہ ڇڏ حوالن کي، گهڙي لاءِ آيو آهين ميان، ڪجهه ٻڌائي۔
پوءِ جنهن مهل سر سامونڊي مان
الوڙڻ نه ڏئي، ور وڌائين ونجهه کي
رهه اڄوڪي راتڙي، لالڻ مون لاءِ
وڃ ۾ ڦوڙائي، ايڏي سفر سپرين
تي پهتو هئس ته هن سر رامڪلي مان بيت ٻڌائڻ شروع ڪيا. پوءِ اها اسانجي اسپتال ۾ مختصر ملاقات بہ لطيفي رهاڻ ۾ تبديل ٿي وئي هئي. مونکي حيرت هئي هو هنن لمحن ۾ بہ لطيف کي ايڏي رواني ۽ خوبصورت سان پڙهي رهيو هو ڳچ دير ڪچهري ڪرڻ کانپوءِ آئون کانئس موڪلائي هليو آيو هئس ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن ئي گذريا هئا ته 10 جنوري جي هڪ صبح اها خبر وڄ جيان دل تي ڪري هئي ته لوڪ ڏاهپ ۽ ادب جو وڏو نالو سگهڙ فقير بچل احمداڻي هي جهان ڇڏي ويو۔هي دنيا هلچل جي بستي آهي ماڻهون ايندا ۽ ويندا رهندا آهن پر جمن دربدر چواڻي: ڪي ڪي ماڻهون تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا هن۔ لکڻ لاءِ رڳو فقير بچل احمداڻي لکي ڇڏجي، تڏهن به ڪافي ٿيندو، ڇو جو هو پنهنجي نالي ۾ ئي هڪ دنيا رکندو هو۔ هو فقيريءَ جا سڀئي ڀرم بہ رکي ڄاڻندو هو۔ اهو فقير جو وڇوڙو نہ هو پر لاڙ تان لوڪ ادب جي روشن سج جي موڪلاڻي هئي۔ سوين ڏور ڳجهارتن سينگارن، قصن، ڪهاڻين بيتن جو موت هو۔ ڏيک ويک ٺاٽ ٺانگر کان گهڻو پري هي ماڻهو ادب، سنڌي ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪري ويو، جيڪا وڏا ادارا به نہ ڪري سگهن. هو محفلن جو سينگار هو. سگريٽ جو ڪش هڻي جڏهن رامڪلي ٻڌائڻ شروع ڪندو هو تہ ٻڌندڙ جو من بہ سامين سنياسين ۽ جوڳين سان گڏ سفر پيو ڪندو هو۔ جڏهن حمل فقير ٻڌائڻ شروع ڪندو هو تہ لفظن ۽ ٻوليءَ ۾ ايترو رچي بيھندو هو جو سرد راتين ۾ بہ ٻڌندڙ دليون پگھرجي وڃن. هو پنهنجي ذات ۾ محبتن جو دريا هو، جيڪو بنا اوچ نيچ، بغير مذهبي مٿ ڀيد، بغير طبقاتي سسٽم جي سڀني جي اڃ اجهائيندو هو۔ آئون تمام ويجھو رهڻ باوجود بہ هن جي ذات جو ڇيد نہ ڪري سگهيس. هو لطيف جي رسالي ۾ رامڪلي سر جو جوڳي هو. سر سامونڊي جو وڻجارو هو يا اهو کاهوڙي،
هن سان منهنجا روح جا رشتا هئا۔ هو هڪ ئي وقت مون لاء هڪ سٺو استاد، سٺو دوست ۽ شفقت پيار ڏيندڙ وڏڙو هو۔ هو هونئن تہ هن سان مشين اسٽاپ تي رونقن جي دنيا آباد هئي۔ اڄ اهو اسٽاپ ساڳيو آهي، دڪان ساڳيو آهي پر لطيف چواڻي:
اڱڻ اهي ئي ساڳي جت نه پسان جوءِ ۾
اوطاقون اوٺيڙن جون سوجهيم سڀوئي
اکيون رت روئي ماڳ نهاري موٽيون۔