لاڙ جو لاڏلو سگهڙ فقير: حافظ محمد رمضان چانڊيو….صوفي محمد حسن نهڙيو

                 سنڌ جي سموري سر زمين املھ موتين ۽ ماڻڪن سان ڀري پئي آهي پر تعلقي ٽنڊوباگو جي مان واري مٽيءَ مان ڪيترن ئي انمول انسانن جنم ورتو آهي، اوترا شايد ٻئي ڪنهن هنڌ نه ملن. اهڙن لوڪ صفت انسانن مان تعلقي ٽنڊوباگو جي ڳوٺ محراب چانڊيو ۾ فقير محمد رمضان چانڊيو 1969ع ۾ علي محمد چانڊيو جي اجري اڱڻ ۾ جنم ورتو سگهڙ فقير محمد رمضان چانڊيو ٻه درجا سنڌي ساڳي ڳوٺ ۾ ناظره قرآن شريف سان گڏ پڙهيو فقير صاحب ننڍي هوندي کان ئي شاھ صاحب جي رسالي کان متاثر ٿي پنهنجي والد صاحب کان تربيت ورتي سندس والد صاحب ان وقت ۾ وڏو سگهڙ هو ان کان بعد ۾ فقير صاحب شاعر مجاهد خدابخش چانڊيو کان به تربيت ورتائين سندس استاد شاھ جي رسالي کان سوائي سانوڻ فقير رسالي جو به حافظ هو.

                 فقير رمضان صاحب 1988 کان 10 سال ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ نڙ بيت ٻڌائيندو رهيو، نڙ بيت ۾ سندس استاد چڀڙ فقير خاصخيلي هو، سندس اولاد ۾ کيس چار پٽ ۽ پنج نياڻيون آهن، هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي شاھ صاحب جي رسالي جا پارکو آهن فقير رمضان چانڊيو بنيادي طرح هڪ مسڪين ماڻهو آهي پر جتي به دوستن جو سڏ ٿيو اتي پنهنجو ذاتي خرچ ڪري شاھ صاحب جو دوستن تائين پيغام پهچائيندو آهي. سنڌي سيٽلائيٽ چينل وارن فيض کوسو طرفان رپورٽنگ ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو سندس ڳوٺ ۾ پروگرام رڪارڊ ڪرڻ آيو جنهن ۾ ساڻس گڏ سنڌ جو ڏاهو ڊاڪٽر اسد جمال پلي، زاهد ڪنڀار ۽ منظور شاھ ٽنڊو جان محمد وارو ۽ ٻيا به ڪيترائي ٽيم جا ميمبر ساڻس گڏ هئا فقير صاحب سندس ننڍي ڌيءَ کي به شاھ صاحب جي رسالي جي سٺي ڄاڻ ڏني آهي. سگهڙ فقير رمضان چانڊيو هڪ فقير منش انسان ۽ دوستن جو دوست ۽ کلڻو ملڻو انسان آهي سندس پورو وجود شاھ صاحب جي رسالي سانوڻ فقير، حمل فقير، ڪبير ڀڳت سان ڀريل آهي ان کان علاوه ڏور، ڏهس، سينگار، ڏٺ پرولي، ڳجهارت، ۽ ٻين به ڪيترن ئي صنفن تي پڙهي سگهي ٿو سندس زندگيءَ جي آخري تمنا آهي ته کيس ﷲ تعالي حرمين شريف جي سعادت عطا فرمائي ۽ ايمان جي سلامتي ڏي ۽ اولاد کي به وصيت ڪري ٿو ته منهنجي نقش قدم تي هلن ۽ مرشد لطيف جا پيروڪار ٿي رهن.