| لاڙ جو ٽماٽو لهندي ئي ٽَڪَي ڌڙي: آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ، فصل ڀيلائڻ لڳا |
ميرپور ساڪرو (ن پ ا) زراعت جيڪا ملڪ ۾ ڪرنگهي جي ھيڏي جي حيثيت رکي ٿي پر مسلسل زرعي جنسن کي مناسب اگھ نه ملڻ جي ڪري آبادگار ھاري سخت پريشان آهن. ڏيڊ مھينو اڳ پنج سو روپيا ڪلو وڪامجندڙ ٽماٽو ڪير مفت کڻڻ لا تيار ناهي. سنڌ جي ساحلي ضلعن ٺٽي، بدين ۽ سجاول جي مختلف علائقن ميرپور ساڪرو، گھارو، ڳاڙھو، ٻگھاڻ، گھوڙاٻاري، چوھڙ جمالي، جاتي ۽ ٻين علائقن ۾ ٽماٽي جو فصل لھڻ شرط ٽڪي ڌڙي وڪرو ٿي رھيو آهي. ٽماٽو اگھ لهڻ بعد في ڪلو پنج روپيا وڪرو ٿي رھيو آهي جنهن جي ڪري ٽماٽي ۾ مزدوري به پوري نٿي نڪري سگهي. آبادگارن حاجي اسماعيل بلوچ شريف احمداڻي علي بخش مري ۽ ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو آهي ته خرچ پڻ ڪنڌ ۾ پئجي ويو سنڌ جو ٽماٽو ملڪ کان ٻاھر موڪلي ھتان جي زميندارن ھارين ۽ مزدورن کي معاشي قتلام کان بچايو وڃي.