لاڙ جي پرامن شهر کورواهه ۾ خوني ويڙهه، علائقو جنگ جو ميدان، 5 ڄڻا قتل، 7 ماڻهو زخمي
مارچ 17, 2025
کورواھه(رپورٽ: ابراهيم مخدوم) لاڙ جي پرامن شهر کورواهه ۾ خوني ويڙهه، علائقو جنگ جو ميدان، 5 ڄڻا قتل، 7 ماڻهو زخمي خبر موجب لاڙ جي پرامن ۽ علمي ادبي شهرکورواھه ويجهو ڳوٺ الهبچايو راهمون ڀرسان خاصخيلي ۽ راھمان برادي ۾ 4 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو،دوبدو فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جڏهن ته خوني ويڙهه دوران ڪھاڙيون ۽ گوليون لڳڻ سبب راهمون برادري جا 4 ڳڀرو جوان ۽ خاصخيلي برادري جو هڪ نوجوان زندگي وڃائي ويٺو، هڪ ئي وقت 5 انساني زندگيون ضايع ٿيڻ تي ويڙهو ويران ٿي ويو، ڌرين جا 7 ماڻهو زخمي به ٿيا آهن، جن کي الڳ الڳ اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، قتل ٿي ويلن ۾ راھمون برادري جي ڌر جا 4 ماڻهو جنهن ۾ 38 سالا انور راهمون، 35 ورهين جو مدد علي راهمون، 40 سالن جو صديق راهمون ۽ 42 ورهين جو عبدالمجيد راهمون شامل آهن، جڏهن تي ٻي ڌر جو 34 سالا احمد خاصخيلي قتل ٿي ويلن ۾ شامل آھي، جڏھن ته زخمين ۾ راھمون برادري جا گل رند ۽ محمد حسن راهمون ۽ ٻي ڌر جا مينهن وسايو خاصخيلي، يوسف خاصخيلي، واحد بخش، گلشير خاصخيلي شامل آھن، اطلاع تي ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي پوليس اٽالا ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو، جڏهن ته کورواھه پوليس مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال گولاڙچي منتقل ڪيو، فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن ۽ زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو آھي، اهڙي لڳ ڪانڊاريندڙ واقعي تي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي، رات دير سان مقتولن جا لاش اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيا، هڪ ئي وقت 4 جنازا کڄڻ تي ماحول سوڳوار بڻجي ويو، خاصخيلي برادري جي ماڻهن به امڪاني حملي جي خدشي سب پنهنجي نوجوان جو لاش هٿيارن جي پهري ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو، پوليس جي وڏي نفري ۾ موجود آهي، آخري اطلاعن تائين کورواھه ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو نه ئي ڪا گرفتاري ٿي سگھي ھئي، ٻڌايو پيو وڃي ته تڪراري زمين تان ھڪ ڌر پاران چيٽ جو فصل لڻڻ تان جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ 5 انساني زندگيون ضايع ٿيون آهن، رابطو ڪرڻ تي کورواھه پوليس جو چوڻ آھي ته جيئن ئي اطلاع مليو ته اسان جاءِ واردات تي پھتاسين، فوتين ۽ زخمين کي اسپتال پھچايو، ڌريون ڪيس داخل ڪرائڻ لاء نه پھتيون آھن، جئين ئي فرياد کڻي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.
پرامن علائقي ۾ 5 انساني زندگين جو زيان افسوسناڪ آهي: ايس ايس پي
کورواهه: ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي واقعي جو نوٽيس وٺندي واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل معلوم ڪيا، ان موقعي تي ايس ايس پي بدين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته بدين پرامن علائقو آهي، جتي اچانڪ اهڙو واقعو افسوسناڪ آهي، هن چيو ته پوليس فورن واقعي کي ريسڪيو ڪيو آهي، واقعي جي جانچ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن پوليس جي ڪا ڪوتاهي نظر آئي ته سخت سزا ڏني ويندي، جڏهن ته جهيڙي ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪيا آهن ۽ ڪرائيم سين جي ٽيم موجود آهي، جيڪا جاءِ واردات جا سمپل وٺي رهي آهي.
مقتولن جا لاش پوليس ۽ هٿيارن جي پهري ۾ مٽي ماءُ حوالي، ماحول سوڳوار بڻجي ويو
کورواهه: زميني تڪرار تان مارجي ويل پنجن ڄڻن انور راهمون، مدد راهمون، صديق راهمون، مجيد راهمون ۽ احمد خاصخيلي جا هڪ ئي وقت پوليس پهري ۾ 5 جنازا کڄڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، پوليس جي سخت پهري ۾ فوتين جا مڙھه غلام شاھه قبرستان ۾ دفنايا ويا، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي ماڻهن شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته علائقي ۾ ماحول سوڳوار بڻيل آهي
خوني ويڙهه ويڙهو ويران ڪري ڇڏيو، 5 خاندانن جا ٻارڙا يتيم ٿي ويا
کور واهه: لاڙ جي پرامن ۽ علمي ادبي شهرکورواھه ويجهو ڳوٺ الهبچايو راهمون ڀرسان خاصخيلي ۽ راھمان برادي ۾ 4 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو،دوبدو فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، جڏهن ته خوني ويڙهه دوران ڪھاڙيون ۽ گوليون لڳڻ سبب راهمون برادري جا 4 ڳڀرو جوان ۽ خاصخيلي برادري جو هڪ نوجوان زندگي وڃائي ويٺو، هڪ ئي وقت 5 انساني زندگيون ضايع ٿيڻ تي ويڙهو ويران ٿي ويو،
ڌريون جيئن ئي فرياد کڻي اينديون ته ڪيس داخل ڪنداسين: کورواهه پوليس
کورواهه: پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي کورواھه پوليس جو چوڻ آھي ته هاڻي صورتحال ضابطي ۾ آهي، واقعي وقت جيئن ئي اطلاع مليو ته اسان جاءِ واردات تي پھتاسين، فوتين ۽ زخمين کي اسپتال پھچايو، ڌريون ڪيس داخل ڪرائڻ لاء نه پھتيون آھن، جئين ئي فرياد کڻي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.
زمين اسان جي خريد ٿيل آهي، خاصخيلين ظلم ڪيو آهي: راهمون برادري
کورواهه: پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي راهمون برادري جو چوڻ آهي ته زمين ڪجهه عرصو اڳ اسانجي خريد ڪيل هئي، جنهن ۾ فصل به اسانجو پوکيل هو، فصل جو لابارو ڪرڻ وقت خاصخيلي برادري جي ماڻهن اسانجي ماڻهن مٿان حملو ڪري ماڻهو قتل ڪيا آهن، ٻي پاسي خاصخيلي برادري جو چوڻ آهي ته زمين اسانجي هئي جيڪا راهمن کي مقاطعي تي ڏنل هئي هاڻي هو مقاطعو پورو ٿيڻ تي اسانجي زمين تي قبضو ڪري ويٺل هئا
4 ايڪڙ زمين تان 5 نوجوان قتل ٿيڻ وڏو نقصان آهي: سڄاڻ ڌريون
کورواھه: تر جي سڄاڻ ڌرين ۽ علائقي واسين پرامن علائقي ۾ 4 ايڪڙ زرعي زمين جي معاملي تان ايڏي وڏي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته زمين جا معاملا فورن نه نبرڻ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، هتان جا ماڻهون سدائين پرامن رهيا آهن