لاکاروڊ: ٻڪري چوري تان جهيڙو: هڪ ڄڻو قتل: هڪ زخمي

لاکاروڊ: ٻڪري چوري تان جهيڙو: هڪ ڄڻو قتل: هڪ زخمي

لاکاروڊ (ن پ ا) لاکاروڊ ڀرسان ٻڪري چوري تان جهيڙو: هڪ ڄڻو قتل : هڪ زخمي، ان ڏس ۾ ڳوٺ بگو دڙو ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ گولين هلڻ سبب صدورو پٽ سکيو شر قتل ٿي ويو، جڏهن ته آڪاش شر پٽ غلام حيدر شر سخت زخمي ٿي پيو ، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھه نيو ويو، پوليس موجب هڪ سال اڳ ٻڪريون چوري ڪرڻ واري مامري تان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ ھئي، ٻئي طرف مقتول صدورو شر جي وارثن لاش شهر جي مک  حيدري چوڪ تي رکي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو،  پوليس ڇاپا هڻي جوابدار ڌر جي حسين بخش شر ۽ علي مردان شر جي ڌر جي ڪجھ ماڻهن جون گرفتارڪري ورتو