لاکاٽ ويجھو ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت

لاکاٽ ويجھو ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻا فوت

ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان جي لاکاٽ روڊ تي تيز رفتار ٽريلر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ٽنڊو محمد خان شھر جي واڻ بازار جا رھواسي 25 سالا اسام گدي ۽ 23 سالا ريحان علي گدي موقعي تي فوت ٿي ويا. راھگيرن فوتين کي ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال کڻائي آيا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارث گھر کڻائي ويا، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، پوليس ٽريلر ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي چڏيو،  جڏھن ته ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو آھي.