| لاکڙا جي ڪوئلا ڪمپني انتظاميا خلاف احتجاجي تحريڪ شروع، 25 ڪلوميٽر پيادل لانگ مارچ |
کاڻوٺ (ن پ ا) کاڻوٺ ڀرسان امين ڪوئلا ڪمپني جي مبينا ناجائزين خلاف مزدور ايڪشن ڪميٽي پاران 25 ڪلوميٽر پيادل لانگ مارچ ڪيو ويو لانگ مارچ کاڻوٺ مان شروع ٿي لاکڙا ڪول مائيننز جي مين چوڪ تي پهتو، جتي مظاهرين وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيا لانگ مارچ دوران مختلف هنڌن تي علائقي جي ماڻهن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن پاران لانگ مارچ ڪندڙن جي شاندار آجيان ڪئي وئي، شرڪت ڪندڙن جي نعرا هڻي حوصلا افزائي ڪئي وئي پيادل لانگ مارچ مزدور ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ علي رضا کوسو جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ علائقي جي معززين سميت سوين پورهيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ خاص طور تي بابر خان کوسو، غلاب خان کوسو، خميسو خان کوسو، ڄام خان کوسو، زوار سبز علي کوسو، شاهنواز ونڊيار، راحب للاڻي کوسو، علي حسن کوسو ۽ ٻيا شامل هئا شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته “امين ڪول ڪمپني انتظاميا مقامي پورهيتن کي بيلچا مزدوري نٿي ڏئي، جڏهن ته ٽريڪٽر ذريعي ڪوئلو لوڊ ڪرڻ سبب اسان جو روزگار خطري ۾ آهي اسان پنهنجو حق گهرو ٿا ته اسان کي پنهنجي علائقي ۾ پنهنجي حق حلال جي روزي ڏني وڃي پر ڪمپني انتظاميه جي من ماني ڏسو جو اسان جا حق به هڙپ ڪري رهي آهي جنهن خلاف اسان پيادل مارچ ڪيو آهي ۽ اسان خاموش نه ويهنداسين پورهيتن پاران هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي امين ڪوئلا ڪمپني خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ۽ مطالبو ڪيو ويو ته فوري طور مقامي پورهيتن کي سندن حق مطابق مزدوري ڏني وڃي ۽ ٽريڪٽر ذريعي ڪوئلو لوڊ ڪرڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي