| لاڳيتو 5 ميڊن اوورن ۾ 5 وڪيٽون: گريوز نئون رڪارڊ جوڙي ورتو |
ٽروبا (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي آل رائونڊر جسٽن گريوز پاڪستان خلاف ٽراؤبا ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن هڪ منفرد رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. تفصيل موجب 32 ورھين جو گريوز رڪارڊ ٿيل ٽيسٽ ڪريڪٽ جي تاريخ ۾ مسلسل پنج ميڊن اوورن ۾ وڪيٽون وٺندڙ پهريون بالر بڻجي ويو آهي. هن 27 رنسون ڏئي پنجن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جيڪو سندس ٽيسٽ ڪئريئر ۾ پهريون موقعو آهي جڏهن هن هڪ اننگز ۾ پنج وڪيٽون حاصل ڪيون هجن. گريوز پهرين شان مسعود جي اهم وڪيٽ حاصل ڪئي پوءِ بنا رنس ڏني عامر جمال، علي عثمان، محمد رضوان ۽ وقفي بعد محمد عباس کي آئوٽ ڪري پاڪستان جي بيٽنگ لائين کي تباهه ڪري ڇڏيو.