اسلام آباد(بيورو رپورٽ) لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ ٿيل پنهنجي 49هين اجلاس ۾ انٽرنيشنل ڪمرشل ڪورٽ آف پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم جي سفارش ڪندي اها تجويز قانونسازي لاءِ وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پڌرائي مطابق تجويز ڪيل عدالت جي قيام لاءِ آئين ۾ نئون آرٽيڪل 212A شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. تجويز ڪيل انٽرنيشنل ڪمرشل ڪورٽ هڪ آزاد وفاقي اعليٰ عدالت هوندي، جيڪا بين الاقوامي تجارتي تڪرارن جي تيز ۽ مؤثر نبيرڻ لاءِ قائم ڪئي ويندي. عدالت ثالثي جي فيصلن تي مؤثر عملدرآمد کي به وڌيڪ مضبوط بڻائيندي، تجارتي قانونن ۾ يڪسانيت ۽ اڳڪٿي جي صلاحيت کي هٿي ملندي. پڌرائي مطابق عدالت سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ پاڪستان کي بين الاقوامي واپار ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ ۾ مدد ملندي. سڌارن جو مقصد پاڪستان جي تجارتي انصاف واري نظام کي عالمي بهترين روايتن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي سان گڏ سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ سازگار قانوني ماحول فراهم ڪرڻ آهي. اجلاس دوران بينڪنگ ڪمپنيز آرڊينينس 1962 جي شق 3A(1A) ۾ ترميم جي به منظوري ڏني وئي. ڪميشن سفارش ڪئي ته بينڪنگ محتسب جو دائرو اختيار مائڪرو فنانس بينڪن ۽ مائڪرو فنانس ادارن جي گراهڪن تائين به وڌايو وڃي، جيئن لکين صارفين کي گهٽ خرچ، آسان ۽ مؤثر شڪايتن جي ازالي جو نظام ملي سگهي. انهن سڌارن سان صارفين جي تحفظ، مالي شموليت ۽ مالي شعبي تي عوامي اعتماد کي وڌيڪ هٿي ملندي. بينڪنگ محتسب بابت مجوزه ترميم پڻ قانونسازي لاءِ وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. لا اينڊ جسٽس ڪميشن جديد، مؤثر ۽ جوابده انصاف واري نظام ذريعي پاڪستان جي معاشي ترقي، تجارتي اعتماد ۽ صارفين جي تحفظ کي هٿي ڏيڻ لاءِ اصلاحي قدمن کي جاري رکڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ اٽارني جنرل پاڪستان، هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسن، قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سيڪريٽري، ڪميشن جي ميمبرن ۽ وفاقي وزير قانون ۽ انصاف خصوصي دعوت تي شرڪت ڪئي.